وياج شرح 11.5 سيڪڙو برقرار، مهانگائي جو دٻاءُ موجود آهي: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي(رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ پاران مالي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. مرڪزي بينڪ پاران جاري ڪيل اعلان موجب مالي پاليسي تحت شرح سود 11.5 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ معاشي ڊيٽا جو جائزو وٺڻ کان پوءِ نئين مالي پاليسي جو اعلان ڪيو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسٽيٽ بينڪ پاران گذريل مالي پاليسي جي اعلان ۾ وياج جي شرح برقرار رکي وئي هئي. ڪميٽي چيو ته موجوده معاشي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ غير يقيني حالتن کي نظر ۾ رکندي وياج شرح کي تبديل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مالياتي پاليسي ڪميٽي پنهنجي جائزي ۾ ملڪ جي معاشي اشارن، مهانگائي جي رجحانن ۽ ٻاهرين عنصرن جو تفصيلي جائزو ورتو. ڪميٽي موجب، وچ اوڀر ۾ امن جي مضبوط اميدن جي باوجود، محتاط انداز اختيار ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪچي تيل جي عالمي قيمتن ۾ گهٽ وڌ  مهانگائي کي متاثر ڪري سگهي ٿو. اسٽيٽ بينڪ موجب، مهانگائي تي ڪچي تيل جي قيمتن جو دٻاءُ اڃا تائين برقرار آهي، جنهن جي ڪري مهانگائي بابت خدشا مڪمل طور تي ختم نه ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.