محرم الحرام جو چنڊ نظر نه آيو، يومِ عاشور 26 جون تي ٿيندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر نه آيو آهي.
مرڪزي رويتِ هلال ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ عالمن ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي مان چنڊ نظر اچڻ جي شهادت نه ملي آهي، ان ڪري پهرين محرم الحرام 17 جون بروز اربع تي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته يومِ عاشور (10 محرم) جمعي جي ڏينهن 26 جون تي ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.