اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي سيد وسيم حسين پنهنجي جذباتي ۽ تيز تقرير ۾ چيو ته ڪجهه وزير اهڙا به ويٺا آهن، جيڪي پنهنجي تڪ جي عوام ته ڇا، پر پنهنجي علائقي جي ايم اين اي جو فون به نٿا کڻن، پوءِ اندازو لڳايو ته پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان سندن رويو ڪهڙو هوندو؟هن چيو ته مان حيدرآباد جي گهٽين مان نڪري هتي پهتو آهيان ۽ منهنجو تعلق مزدور ۽ وچولي طبقي سان آهي. مون کي فخر آهي ته هي سيٽ منهنجي ذاتي جاگير ناهي، نه ئي اها منهنجي پيءُ جي وراثت آهي، هي ايم ڪيو ايم جي امانت آهي. هن چيو ته جڏهن بجيٽ تيار ڪئي وڃي ٿي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي. سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ملڪ جا چار صوبا آهن ۽ انهن جي 144 ضلعن جي صورتحال ڪنهن کان لڪل ناهي.هن وڌيڪ چيو ته جيئن اوهان جي ڪرسيءَ مان هدايتون جاري ٿين ٿيون، تيئن ئي هڪ ٻي ڪرسيءَ مان پاڪستان جي سياسي جماعتن کي به هدايتون ملنديون آهن. اهو هڪ تلخ سچ آهي، پر ڪيترائي ماڻهو ان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن.پاڪستان ڪنهن جي جاگير ناهي، جمهوريت جو ويس اوڍي ويٺا آهن، پر حقيقت ڪجهه ٻي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي شهر ۾ پاڻي ناهي، گئس ناهي ۽ بجلي ناهي، ته پوءِ مان هتي اچي ڪنهن جي تعريف ڪهڙي ڳالهه تي ڪريان؟هن چيو ته جيڪڏهن اڄ پاڪستان ۾ بدحالي، ڪرپشن ۽ غربت آهي، ايتري قدر جو عورتون پنهنجا زيور ۽ قيمتي شيون وڪڻڻ تي مجبور آهن، ته ان جي ذميواري هن ايوان تي به اچي ٿي. مڃو يا نه مڃو، مان الله کي راضي ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه چئي رهيو آهيان ته شايد اسان پنهنجو احساس وڃائي ويٺا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناهي. ماڻهو ٽينڪرن کان پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. حيدرآباد ۾ به ساڳي صورتحال آهي. پوءِ مان مراد علي شاهه يا وزيراعظم جي تعريف ڪهڙي ڳالهه تي ڪريان؟هن ياد ڏياريو ته 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ نواز شريف حيدرآباد آيو هو ۽ اتي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن لاءِ هڪ ارب رپيا پي ايس ڊي پي ۾ رکيا ويا هئا. پر بعد ۾ چيو ويو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاق يونيورسٽي قائم نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري يونيورسٽي بدران انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو.هن آخر ۾ چيو ته ڪراچي ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي، پر ان لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبي تحت رڳو ساڍا ست ارب رپيا رکيا ويا آهن. حيدرآباد لاءِ به لڳ ڀڳ اڍائي ارب رپيا رکيا ويا، اهي به وڏي جدوجهد ۽ اتحادي پارٽين جي دٻاءُ کان پوءِ. اهڙين حالتن ۾ مان ڪنهن وٽ وڃي دانهن ڏيان ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن کي ڇا جواب ڏيان؟