اسلام آباد(بيورو)وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو آهي ۽ اپوزيشن کي حڪومت جي سٺن قدمن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته هي ايوان جمهوري روايتن جو امين آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جنهن ماحول ۾ تقرير ڪئي، اسان انهن ئي ڊيسڪن تان ڪتابن کي ساڙيندي ۽ ڪاغذ اڇلائيندي به ڏٺو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن کي مثبت قدمن جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي. پگهاردار طبقي کي خاطرخواهه رليف ڏنو ويو آهي ۽ 50 هزار رپين کان گهٽ پگهار تي ڪو به ٽيڪس لاڳو نه آهي.عطا تارڙ موجب، 50 هزار کان هڪ لک رپين تائين پگهار تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪڏهن اهي ملاقاتون نه ٿين ها ته اڄ واري معاشي بهتري ممڪن نه هجي ها. پاڪستان ۾ مٽاسٽا جي شرح اهڙي نموني تبديل ٿي رهي هئي، ڄڻ پنکو هلي رهيو هجي، جڏهن ته واپارين جون ايل سيز به نه کلي رهيون هيون.عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جي ناڻي وارن وزيرن آءِ ايم ايف کي خط لکيا ۽ اهي چاهيندا هئا ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿئي. آءِ ايم ايف ڏانهن لکيل اهي خط رڪارڊ جو حصو آهن.هن چيو ته هتان خط لکي درخواست ڪئي ويندي هئي ته پاڪستان کي بيل آئوٽ پيڪيج نه ڏنو وڃي. ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ادارن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ٽيم جو به اهم ڪردار رهيو.عطا تارڙ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مهانگائي جي شرح هڪ عددي سطح تي نه اچي ها ۽ وياج جي شرح 22 سيڪڙو مان گهٽجي 11 سيڪڙو نه ٿئي ها ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن پيون.