حڪومتي جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي:شمائلا راڻا

اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ 2026-27 تي بحث دوران مسلم ليگ (ن) جي ميمبر شمائله  راڻا چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جو حجم 452 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو معاشي استحڪام طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته حڪومت بجيٽ ۾ مختلف شعبن کي رليف ڏنو آهي ۽ ٽيڪسن ۾ به عوام دوست قدم کنيا ويا آهن.هن چيو ته سولر پينلن تي  لڳايل ٽيڪس جو خاتمو ڪو آسان فيصلو نه هو، پر حڪومت عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي اهو قدم کنيو.هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت عوام دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. صرف سياسي مخالفت جي بنياد تي تنقيد مناسب ناهي.هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان ختم ڪيو ويو، پر مسلم ليگ (ن) مشڪلاتن باوجود جمهوري جدوجهد جاري رکي.هن چيو ته حڪومت جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ۽ عوام هاڻي سياسي نعريبازي ۽ غير حقيقي دعوائن کان متاثر نه ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه سياسي قوتن نوجوانن کي گمراهه ڪيو ۽ ملڪ کي سياسي عدم استحڪام طرف ڌڪيو.

ايف بي آر ڊجيٽل سسٽم ۾ شامل نه ٿيندڙن لاءِ ڳرا ڏنڊ هڻڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر ڪنهن ڪاروبار کي ڊجيٽل طور تي ضم نه ٿيڻ تي 10 لک رپين تائين ڏنڊ هڻڻ جي تجويز ڏني آهي. فنانس بل موجب مقرر ڪيل مدي اندر ضم نه ٿيندڙ ڪاروبار کي سيل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته مسلسل خلاف ورزي تي 5 لک رپين تائين جو ٻيو ڏنڊ تجويز ڪيو ويو آهي.  ان کان علاوه، جعلي ۽ فرضي ٽيڪس انوائسز خلاف سخت ڪارروائي جي تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جعلي انوائسز جاري ڪندڙ ماڻهن لاءِ انوائس جي مڪمل قيمت جي برابر جرمانو تجويز ڪيو ويو آهي. ان پٽ ٽيڪس ۽ آئوٽ پُٽ ٽيڪس ۾ فرق ثابت ٿيڻ تي 20 سيڪڙو ڏنڊ پڻ تجويز ڪيو ويو آهي. جعلي انوائسز جاري ڪندڙ سپلائرز جي خريد ڪندڙن تي به ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 60 ڏينهن اندر ٽيڪس ڪريڊٽ واپس نه ڪرڻ تي 20 سيڪڙو اضافي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.