فوج لاءِ پنهنجي کيسي مان به حصو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون :مرزا اختيار بيگ

اسلام آباد(بيورو)پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر مرزا اختيار بيگ چيو آهي ته هو پاڪستاني فوج لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران هن چيو ته دفاعي خرچن لاءِ جيڪڏهن پنهنجي کيسي مان به حصو ڏيڻو پيو ته اهو هو خوشيءَ  سان ڏينداسين.مرزا اختيار بيگ وڌيڪ چيو ته پنهنجي فوج لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.هن سپر ٽيڪس بابت ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم 500 ملين رپين تائين سپر ٽيڪس ختم ڪيو آهي، هاڻي ان کان وڌيڪ سليب به ختم ڪرڻ گهرجن، ڇو ته اهو ٽيڪس تي ٽيڪس آهي.هن چيو ته غريب ماڻهن قرض کڻي سولر پينل لڳايا آهن، پينلن تي ٽيڪس ناهي پر انورٽر تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، جيڪو مناسب ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.