هي ڪهڙي اسيمبلي آهي جتي رڳو غداري جا الزام پيا لڳن:علي محمد خان

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ ايم اين اي علي محمد خان چيو آهي ته سوال اهو آهي ته اسين ڪهڙي جمهوريت جي ڳالهه ڪريون ٿا؟ ڇا اها جمهوريت، جنهن پنهنجي ملڪ جي هڪ وڏي هيرو، نوجوانن ۽ بزرگن جي گڏيل اڳواڻ سان اهو سلوڪ ڪيو؟ جڏهن عالمِ اسلام ۾ ماڻهو نظر کڻي ڏسن ٿا ته کين چند ئي چهرا نظر اچن ٿا،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته جڏهن 2016ع ۾ اسان جي جماعت ون پيج تي هئي، تڏهن به منهنجي تقرير رڪارڊ تي موجود آهي. مون شيرواني  پائي هتي تقرير ڪندي چيو هو ته پاڪستان هڪ سياسي ڪارڪن، قانوندان ۽ مسلمان اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح قائم ڪيو هو، پوءِ اسين آخر ڪيتري عرصي تائين هڪ ٻئي کي جيلن ۾ وجهندا رهنداسين؟اسان جي حڪومت ۾ نه، پر اوهان جي حڪومت ۾ اهڙي پرڏيهي وزير کي جيل ۾ وڌو ويو، جنهن فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف آمريڪا کي به "نه” چيو هو. اڄ شاهه محمود قريشي ڪٿي آهي؟ ڊاڪٽر ياسمين راشد ڪٿي آهي، جنهن ڪورونا دوران پنجاب جي ماءُ، ڀينرن ۽ ٻارن کي پنهنجي ٻارن وانگر سنڀاليو؟اڄ پنجاب جو بهادر پٽ عمر سرفراز چيما ڪٿي آهي؟ اهو شخص، جنهن پنهنجي وفاداريءَ جي قيمت ادا ڪئي. هو اڄ ويل چيئر تي ويٺو آهي، هن چيو ته هي ڪهڙي اسيمبلي آهي، جتي اپوزيشن ليڊر تي غداريءَ جا الزام لڳايا وڃن ٿا؟ صاحبزاده حامد رضا، جيڪو پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگيءَ جي علامت آهي، ان کي به سزا ڏني وئي. احمد خان ڀچر کي سزا ڏني وئي. چترال جي فخر چترالي کي سزا ڏني وئي. احمد چٺا، جيڪو شرافت جي علامت آهي، ان کي به سزا ڏني وئي. غريب جي آواز جمشيد  دستي کي به سزا ملي.شرم ڪريو، ڪجهه حياءُ ڪريو!اڄ غريب ۽ مزدور جي ڳالهه ته ڪئي وڃي ٿي، پر حقيقت ڇا آهي؟هن چيو ته .فيبروري 2024ع جي چونڊن کان پوءِ مان پهريون شخص هئس، جيڪو عمران خان وٽ ويو. مون چاهيو ته سياسي انتقام جي فضا ختم ٿئي. خدارا! اسپيڪر آفيس پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڇا پاڪستان جا سياسي اڳواڻ ويهي پنهنجا مسئلا حل نٿا ڪري سگهن؟هن چيو ته اڄ، پاڪستان جي پارليامينٽ ۾، اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ ٽي ڀيرا چونڊيل ايم اين اي جي حيثيت سان، مان انهن سڀني کي معاف ڪريان ٿو، جن مون کي تڪليف ڏني.اچو، هڪ ٻئي کي معاف ڪريون.اچو، هن ملڪ کي اڳتي وٺي هلون.اچو، پنهنجي قوم کي هڪ رستو ڏيون. اهڙين بجيٽن سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته جيستائين عمران خان جيل کان ٻاهر نه ايندو، سياسي استحڪام نه ايندو.هن چيو ته  مياں نواز شريف عمران خان ، شهباز شريف ، مولانا فضل الرحمان کي چوندس ته اسان جي پويان جيڪي نوجوان بيٺل آهن، اوهان کين ڪهڙو پاڪستان ڏئي وڃڻ چاهيو ٿا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.