اسلام آباد(ع آ نيوز) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جا ڪجهه گمراهه ڀائر ڪنهن نه ڪنهن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن. خواجا آصف سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آزاد ڪشمير جا ڪجهه گمراهه ڀائر ڪنهن نه ڪنهن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انهن کي آئين ضرور پڙهڻ گهرجي، آئين جو آرٽيڪل 5 هر شهري کان رياست سان وفاداري جو مطالبو ڪري ٿو. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ڳالهه ٻولهه رياست سان وفاداري ۽ مڪمل فرمانبرداري سان شروع ٿيندي آهي.
تشدد سان مسئلا حل نه ٿيندا، ڳالهين ذريعي تڪرار ختم ڪيو وڃي:حافظ نعيم
اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي آزاد ڪشمير ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تشدد ذريعي حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، ان لاءِ ڳالهين ۽ مفاهمت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، حڪومت ۽ آزاد ڪشمير جي قيادت / سان رابطو ڪندس ته جيئن موجوده صورتحال جو پرامن حل ڪڍي سگهجي، ڪشمير پاڪستان جو آهي ۽ پاڪستان ڪشمير جو آهي، جڏهن ته نوجوانن کي حالتن کي سمجهي ذميواري سان اڳتي وڌڻ گهرجي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي آزاد ڪشمير جي قيادت سان رابطي ۾ آهي ۽ ٻين ڌرين سان به ڳالهيون ڪري رهي آهي ته جيئن مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي، آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪا به مثبت ڪوشش ممڪن هوندي، جماعت اسلامي اها ڪندي، وفاقي بجيٽ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ رڳو انگ اکرن جي هير ڦير جو نالو بڻجي وئي آهي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي کي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻايو ويو آهي، جنهن کي فوري طور ختم ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته اعليٰ عدليه جي ججن ۽ ٻين بااختيار ادارن کي پنهنجي مراعتن ۾ گهٽتائي بابت سوچڻ گهرجي، دفاع لاءِ ضروري خرچن تي عوام قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر غير ضروري مراعتن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، جماعت اسلامي امير دعويٰ ڪئي ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن وچ ۾ ڪو حقيقي اختلاف ناهي ۽ مختلف سياسي ڌريون مفادن خاطر هڪ ٻئي سان سياسي مقابلي جو تاثر ڏين ٿيون، هن چيو ته حڪومت پاڻ مڃي ٿي ته ملڪ تي آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي ۽ پاڪستان آءِ ايم ايف جي شرطن هيٺ هلي رهيو آهي، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو سڌو بار عوام تي پوي ٿو، جڏهن ته بجيٽ ۾ ڪيپيسٽي پيمنٽس گهٽائڻ بابت ڪو واضح قدم نظر نٿو اچي.
آمريڪا واعدا نٿو پاڙي ته ڳالهيون اڳتي نه وڌنديون:باقر قاليباف
تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪا تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجن واعدن تي عمل ڪرڻ جي نه خواهش رکي ٿو ۽ نه ئي صلاحيت، ته پوءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ممڪن نه رهندو.تفصيلن موجب، ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بيروت جي ڏاکڻين علائقي ضاحيه ۾ اسرائيلي ڪارروائي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي آمريڪا کي تنقيد جو نشانو بڻايو.باقر قاليباف چيو ته ضاحيه ۾ صيهوني حڪومت جي دراندازي ۽ حملن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا يا ته پنهنجين ذميوارين ۽ واعدن کي پورو ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، يا وري ان وٽ ائين ڪرڻ جي صلاحيت ئي موجود ناهي،هن وڌيڪ چيو ته، "صيهوني حڪومت کي گرين سگنل ڏئي ڪنهن به قسم جون رعايتون يا مراعتون حاصل نٿيون ڪري سگهجن. سٺي ۽ خراب پوليس واري پراڻي راند هاڻي پنهنجي افاديت وڃائي چڪي آهي،ايراني اسپيڪر خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ پنهنجن واعدن تي عمل ڪرڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه ئي صلاحيت، ته پوءِ ڳالهين يا ڪنهن به عمل کي اڳتي وڌائڻ بابت ڳالهائڻ ممڪن نه رهندو
معيشت ۾ ڀارت ته پري بنگلاديش ۽ نيپال جو به مقابلو نٿا ڪري سگهون:علي خان جدون
اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ ايم اين اي علي خان جدون چيو آهي ته ائين لڳي رهيو آهي جيئن اسان جي قانون واري وزير چيو هو ته مون کي اڌ ڪلاڪ اڳ 26 هين ترميم جو مسودو مليو آهي هي بجيٽ ڏسي مون کي لڳي ٿو ته ناڻي واري وزير به اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ بجيٽ تقرير ملي هوندي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته دعوائون ٿي رهيون آهن ته اسان جي معيشت وڏي مضبوط ٿي آهي،جڏهن جي ڊي پي ڏسون ٿا ته خطي ۾ سڀ کان ڪمزور اسان جي جي ڊي پي آهي،معيشت ۾ اسان ڀارت جو مقابلو ڪرڻ کان ته رهياسين پر شايد بنگلاديش ۽ نيپال جو مقابلو ڪرڻ جي به قابل ناهيون،اسان جي ايڪسپورٽ هن سال 2 ارب ڊالر گهٽ ٿي آهي،صنعتون بند ٿي رهيون آهن،هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ فيصل آباد ۾ صنعتون جوڀن تي هيون،سبب اهو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هتي لڳن ٿا،بجلي مهانگي آهي،وياج شرح وڌيڪ آهي،صنعتڪار ڪيئن صنعتون هلائي سگهندا؟