سنڌوءَ ۾ پاڻي وڌيڪ هئڻ باوجود سنڌ کي مڪمل حصو نٿو ملي:وڏو وزير

سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو ) سکر بئراج جي 44 دروازن جي تبديلي بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو، ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ، سينيئر وزير سيد ناصر شاھ، اڪرام الله ڌاريجو سان گڏ بئراج جو مرمتي ڪم مڪمل سال 2025. 26 مڪمل ٿيڻ بعد افتتاح ڪندي چيو آهي ته اڄ هڪ سئو سال بعد هن سنڌ جي زراعت ۽ ملڪي زراعت ۾ اهم ريڙ جي هڏي جي حيثيت رکندڙ سکر بئراج جو افتتاح مون لاءِ فخر جي ڳالھ سان گڏ هڪ نئين تاريخ آهي جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، صوبائي وزير بلديات ناصر حسين شاهه، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاهه، ايم اين اي خورشيد احمد شاهه، ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، سيڪريٽري  آبپاشي ظريف کيڙو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.وڏي وزير سنڌ سکر بئراج جي دوري دوران منصوبي جي مختلف حصن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کان بريفنگ حاصل ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته سکر بئراج سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ پاڪستان جي غذائي سلامتي جو بنياد آهي، جتان لکين ايڪڙ زرعي زمين آباد ٿئي ٿي ۽ ڇهه لک کان وڌيڪ آبادگار خاندانن جو روزگار ان سان وابسته آهي.هن چيو ته لڳ ڀڳ هڪ صدي کان پوءِ پهريون ڀيرو سکر بئراج جي فرش، بنيادي ڍانچي ۽ آپريشنل نظام جي جامع بحالي ۽ جديدڪاري ڪئي وئي آهي. منصوبي تحت بئراج جا سمورا 44 گيٽ ۽ هوسٽنگ سسٽم تبديل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جديد اليڪٽرانڪ موٽرائيزڊ نظام نصب ڪيو ويو آهي، جنهن سان هاڻي گيٽن کي وڌيڪ مؤثر ۽ محفوظ نموني هلائي سگهجي ٿو.هن  چيو ته سکر بئراج صرف پٿرن ۽ لوهي ڍانچي جو نالو ناهي، پر سنڌ جي معيشت، زراعت ۽ عوامي خوشحالي جي علامت آهي. گڊو بئراج جي بحالي جو منصوبو 9 ارب 58 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جي جديدڪاري جو منصوبو به جلد شروع ڪيو ويندو. پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هن وزيراعظم پاڪستان کي سنڌ جي حصي جي پاڻي بابت خط لکيو هو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي حصي ۾ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه  ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پاڻي وڌيڪ موجود آهي، پر سنڌ کي ان جو مڪمل حصو نٿو ملي. هن واضح ڪيو ته سنڌ پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن جي حصول لاءِ هميشه آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ اڳتي به پنهنجو پاڻي حاصل ڪندو رهندو.

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ تي قومي اسيمبلي ۾ مهيش ڪمار ملاڻي جو احتجاج

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مهيش ڪمار ملاڻي چيو آهي ته موجوده حڪومت کي پيپلز پارٽي جي  حمايت حاصل آهي ۽ جيستائين اهو سهڪار برقرار رهندو، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سگهندي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ 2026-27 تي بحث دوران هن چيو ته قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ کي برقرار رکڻ پيپلز پارٽي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ صوبن جي مالي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي.هن ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ نوجوانن ۾ پکڙجندڙ مايوسي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف تي پنهنجو انحصار گهٽائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ماڊل کي هٿي وٺرائڻي پوندي، جيئن سيڙپڪاري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن.هن سنڌ کي پاڻي جي فراهمي واري مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ارسا طرفان پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٿرپارڪر سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، جنهن جي حل لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن مهانگائي جي بار هيٺ آيل ملازمن کي وڌيڪ رليف ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.