ڪراچي (رپورٽر) انجمن ترقي پسند مصنفين، ڪراچي چيپٽر پاران ڪراچي پريس ڪلب جي سهڪار سان سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ، هاري تحريڪ جي سرواڻ، شاعر، اديب ۽ قومي شعور جي علامت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ادبي ۽ فڪري خدمتن جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ مذاڪري جو اهتمام ڪيو ويو.تقريب ۾ شريڪ سنڌ جي نامور دانشورن، مفڪرن، صحافين ۽ سياسي توڙي سماجي شخصيتن چيو ته سنڌ هن وقت جنهن ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، ان ۾ حيدر بخش جتوئي جهڙن عالم، شاعر ۽ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن جي سخت ضرورت آهي. مقررن چيو ته اڄ اسين اهڙي عظيم شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جنهن پنهنجي سڄي زندگي هارين، مزدورن ۽ مظلوم طبقن جي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو جدوجهد، مزاحمت ۽ اميد جي علامت طور هميشه ياد رکيو ويندو. سندس فڪري، ادبي ۽ سياسي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندس پيغام انصاف، برابري ۽ عوامي حقن جي حاصلات جي جدوجهد کي نئين توانائي ڏيندو رهندو.تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته حيدر بخش جتوئي هڪ عظيم انسان هو، مون سندس جدوجهد جا لڳ ڀڳ پنجويهه سال ويجهڙائي سان ڏٺا. ون يونٽ جي دور ۾ سندن ڪردار انتهائي شاندار رهيو ۽ هن سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو. هن چيو ته حيدر بخش جتوئي مسلسل ۽ بي لوث جدوجهد ڪئي خاص مهمان ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته حيدر بخش جتوئي جو ڪم ۽ مقام تمام بلند آهي. هن ون يونٽ خلاف ۽ هارين جي حقن لاءِ ڪامياب تحريڪ هلائي. ترقي پسند تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي نامور دانشور ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو چيو ته حيدر بخش جتوئي هفتيوار اخبار "هاري حقدار” جا ايڊيٽر هئا. هن ان اخبار جا اداريه هارين، مزدورن ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ لکيا. هن سوال ڪيو ته ڇا اڄ جي صحافت اهو معيار برقرار رکي سگهي ٿي؟ سندس موجب "هاري حقدار” هڪ رجسٽرڊ اخبار هئي، پر حيدر بخش جتوئي جي بار بار گرفتارين سبب ان جي اشاعت جو تسلسل متاثر ٿيندو رهيو.سينئر صحافي يونس مهر چيو ته پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي، سورهيه بادشاهه، الله بخش سومرو، جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جهڙيون شخصيتون موجود هيون، پر اڄ اهڙي قيادت جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.ادريس جتوئي چيو ته حيدر بخش جتوئي جديد شاعري کي نئين رخ ڏنو ۽ سندس شاعري شاهه جي روايت سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿي.شاهه عنايت شهيد فورم جي چيئرمين گل محمد منگي چيو ته حيدر بخش جتوئي پنهنجي نظمن، حمد، ثنا ۽ شاعري جي هر رنگ ۾ هارين جي مسئلن ۽ انهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي. سندس چوڻ هو ته حيدر بخش جتوئي ۽ شيخ اياز پنهنجي دور جا وڏا شاعر هئا.نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته جيستائين مردن سان گڏ عورتون به جدوجهد ۾ شريڪ نه ٿينديون، تيستائين سماج ۾ حقيقي تبديلي ممڪن ناهي. حيدر بخش جتوئي سنڌ جي بقا لاءِ شاعري ڪئي سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو ته حيدر بخش جتوئي جي شاعري ۽ تحريرون سياسي شعور سان ڀرپور هيون ۽ سنڌ ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ سندن جدوجهد وسارڻ جهڙي ناهي.سياسي ۽ سماجي ڪارڪن صدف ٿهلو چيو ته سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي عظمت بي مثال آهي. هن چيو ته پير سرهندي سندن خلاف فتوائون ڏنيون ۽ سخت مخالفت ڪئي، پر حيدر بخش جتوئي ڪڏهن به معذرت نه ڪئي ۽ پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهيو.ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ امان الله شيخ چيو ته هن حيدر بخش جتوئي کي لاڙڪاڻي ۾ پمفليٽ ورهائيندي ڏٺو. هن نون زرعي سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرحدي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ وچولي طبقي کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي.جاويد مهر چيو ته حيدر بخش جتوئي سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ انتهائي اثرائتي جدوجهد ڪئي.تقريب ۾ شريڪ مهمانن کي انجمن ترقي پسند ليکڪ سنڌ جي صدر رياض شاهد دايو آجيان ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ انجمن ڪراچي جي صدر منصور کوکر مهمانن جا ٿورا مڃيا. پروفيسر مشتاق مهر ۽ نديم سبطين پنهنجي شاعري پيش ڪئي. ميزباني جا فرض لياقت عباسي سرانجام ڏنا، تقريب ۾ واحد بلوچ، وليم صادق، محمد مظهر، اسماعيل سومرو، نعيم شيخ، قادر اعظم، ايم صفدر، قاضي جاويد، الياس حسيني ۽ ٻين شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.