اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم ويمنز ٽي20 ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
رپورٽ موجب بابر اعظم سوشل ميڊيا تي قومي ويمنز ٽيم لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته،”ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ اسان جي ويمنز ٽيم کي نيڪ تمنائون“ هن چيو ته پاڪستان جو پرچم اوهان جي هٿن ۾ آهي، قوم جون دعائون اوهان سان گڏ آهن، وڃو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪريو.
هن وڌيڪ چيو ته هي وقت ڪرڪيٽرن جي حمايت ۽ همٿ افزائي ڪرڻ جو آهي.
واضح رهي ته ويمنز ٽي20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ اڄ پاڪستاني ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات روايتي حريف ڀارت خلاف ميچ سان ڪندي.