هارين جي احتجاج تي تڪرار، ڪنگنا رناوت جو دلجيت دوسانجهه بابت بيان وائرل

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت ڳائڻي ۽ اداڪاردلجيت دوسانجهه سان هلندڙ تڪرار جي خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڪا ذاتي دشمني ناهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پنهنجي نئين فلم جي تشهيري مهم دوران هڪ انٽرويو ۾ ڪنگنا چيو ته ٻنهي جي وچ ۾ رڳو هڪ خاص معاملي تي اختلافِ راءِ هو، پر هوءَ دلجيت خلاف ڪا ذاتي رنجش نٿي رکي. سندس چوڻ هو ته ”اسان هڪ ٻئي جا مخالف ناهيون، هڪ واقعي بابت اسان جي راءِ مختلف هئي، پر منهنجي دل ۾ هن لاءِ ڪا ناراضگي ناهي، حقيقت ته اها آهي جو اسان اڄ تائين ڪڏهن هڪ ٻئي سان مليا به ناهيون“.

رپورٽ موجب جڏهن کانئس دلجيت دوسانجھه جي تازي رليز ٿيل فلم بابت راءِ پڇي وئي ته هن مرڪندي وراڻيو”هاڻي اها ڳالهه ڪجهه وڌيڪ نه ٿي وئي؟“

واضح رهي ته ڪنگنا رناوت ۽ دلجيت دوسانجھ جي وچ ۾ ڊسمبر 2020ع ۾ هارين جي احتجاج دوران سوشل ميڊيا تي سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي اختلافن بابت خبرون گردش ڪنديون رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.