ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) ڪلوئي اٺڙي سمر پمپ تي پاڻي پيئڻ ڇو آئي اڻڄاتل جوابدارن ڪهاڙين لٺين سان اٺڙي جي هڪ ڄنگهه ڀڃي ڇڏي، پُر اَمن علائقي جي نالي سان سڏيل ٿر ۾ بي زبان جانورن مٿان ظلم گهٽجي نه سگهيو بي زبان اٺڙي جون اکيون ڪڍڻ واري واقعي بعد ڪلوئي ويجهو ڳوٺ ٻانڌو مورا ۾ اڻڄاتل جوابدارن پاران پاڻي پيئڻ تان بي زبان اٺڙي کي مُبينا لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري هڪ ڄنگهه ٽوڙي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي اٺڙي جي مالڪ اشرف نهڙيو پاران الزام مڙهيو ويو ته منهنجي اٺڙي ڀر واري ڳوٺ ٻاندو مورا ۾ ثمر پمپ تي پاڻي پيئڻ وئي بااثر اڻڄاتل جوابدارن پاران بي زبان اٺڙي مٿان ڪُهاڙين لٺين سان حملو ڪري هڪ ڄنگهه ٽوڙي ڇڏي، ان ڏس ۾ لاڳاپيل اختيارين پاران ڪوبه خاص تحرڪ نه ورتو ويو، لائيو اسٽاڪ کاتو ٿرپارڪر خاموش رهيو ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت متاثر اٺڙي جو علاج ڪيو، متاثر زخمي بي زبان اٺڙي هلڻ ڦرڻ کان معذور بڻجي وئي، ڳوٺاڻي اشرف نهڙيو ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت وس وارن اختيارين کان مُطالبو ڪيو ته بنا دير نوٽيس وٺي بااثر ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ اٺڙي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ڏنو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڪلوئي پوليس ٻڌايو ته ميڊيا ۾ خبرون هلن پيون فريادي ناهي آيو، جيڪڏهن فريادي ايندو ته جاچ ڪئي ويندي، ٿرپارڪر ضلعي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اجئي ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ڄاڻايل ڳوٺ ۾ موڪلي وئي ڊاڪٽر وجي ڪمار سُکاڻي پاران زخمي اٺڙي جو معائنو ڪيو ويو، وٽرنري عملي پاران شڪ ظاهر ڪندي ٻڌايو ته اٺڙي کي پاڻي پيئڻ دوران ڊوڙايو ويو جنهن جي سڄي ڄنگهه ٽُٽُل آهي ميڊيسن ڏنو ويو آهي علاج جاري رهندو.