ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي اڳواڻن وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ناڪافي فنڊ مختص ڪرڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي جي مسئلن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هن چيو ته موجوده بجيٽ ۾ 3 هزار 256 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو، جنهن مان تقريبن 80 سيڪڙو حصو ڪراچي مان حاصل ٿيو پر شهر کي ان جو مناسب حق نه ڏنو ويو ۽ ڪراچي جو حصو ختم ڪيو ويو، ڪراچي جا لڳ ڀڳ 3 هزار ارب رپيا نظرانداز ڪيا ويا آهن، سيف الدين ايڊووڪيٽ اداري نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهر وفاقي روينيو ۾ 62 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ادا ڪري ٿو، گرين لائن منصوبي لاءِ 6 ارب رپين جي ضرورت هئي، پر بجيٽ ۾ رڳو 1.6 ارب رپيا رکيا ويا، جيڪو شهر سان ناانصافي آهي، ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت تيار ڪيل هن بجيٽ ۾ عام ماڻهو لاءِ ڪنهن به قسم جو حقيقي رليف موجود ناهي، ڪنهن به ملڪ جي دفاعي عمارت ان جي معيشت جي بنيادن تي بيٺل هوندي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي معيشت ٻاهرين وياجي قرضن تي بيٺل آهي. جنهن ڏينهن قرض ملڻ بند ٿي ويا، ان ڏينهن ملڪ جون بنيادون به ڍير ٿي وينديون. قرضن ۽ خيرات سان ملڪ ناهن هلندا. بجيٽ جو اڌ حصو قرضن ۽ وياج جي واپسي ۾ هليو وڃي ٿو ۽ باقي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ عياشين تي خرچ ٿي وڃي ٿو.