وفاقي بجيٽ موسمياتي بحران کي نظرانداز ڪري پورهيتن جا مسئلا وڌائي ڇڏيا:سڄاڻ ڌريون

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (پائلر) جي اهتمام هيٺ نامياري پورهيت اڳواڻ ڪرامت علي جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ معاشي ماهرن، انساني حقن جي ڪارڪنن، ٽريڊ يونين اڳواڻن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي، مزدور ۽ موجوده معاشي صورتحال جي عنوان سان ٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته موسمياتي تبديلي کي صرف ماحولياتي مسئلو نه پر پورهيتن ۽ غريب طبقي جو بحران سمجهيو وڃي، وفاقي بجيٽ ۾ محنت ڪش طبقي تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ معاشي ماهر ڊاڪٽر عشرت حسين چيو  ته پاڪستان جي معيشت جو 80 کان 85 سيڪڙو حصو غير رسمي شعبي تي ٻڌل آهي، جيڪو ڪنهن به قسم جي سماجي تحفظ کان محروم آهي، هن چيو ته گگ اڪانامي ۽ آئوٽ سورسنگ جي وڌندڙ رجحان باوجود فوڊ ڊليوري ۽ آن لائين ٽيڪسي سروسز سان لاڳاپيل پورهيتن کي بجيٽ سازي ۾ نظرانداز ڪيو ويندو آهي، پائلر جي ڊائريڪٽر عباس حيدر تجويز ڪيل سنڌ ليبر ڪوڊ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته نئين قانون ذريعي  پورهيتن جا حاصل ڪيل حق محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته پائلر جي تحقيق مطابق هيٽ ويو دوران ڊگهي لوڊشيڊنگ مزدور آبادي وارن علائقن ۾ گهريلو تشدد جي واقعن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي، شهري رٿابندي جي ماهر عارف حسن چيو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽائڻ لاءِ غريب آبادين ۾ گهٽ خرچ وارا عملي قدم کڻڻ ضروري آهن، جن ۾ گهرن جي هوا جي بهتر گذرگاهه، ڇتين جي انسوليشن ۽ روشني موٽائيندڙ رنگن جو استعمال شامل آهي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين اسد اقبال بٽ ملڪ ۾ جبري گمشدگين کي سڀ کان سنگين بحران قرار ڏنو، ڊاڪٽر جعفر احمد ڪرامت علي جي آئيني سوچ ۽ جدوجهد تي روشني وجهندي چيو ته مرحوم سڄي زندگي ٽن بنيادي مقصدن لاءِ ڪم ڪيو، جن ۾ حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ، انهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ آئيني سڌارن ذريعي عورتن، ٻارن ۽ غير رسمي شعبي جي مزدورن کي تحفظ فراهم ڪرڻ شامل هو، عبداللطيف نظاماڻي چيو ته ڪرامت علي جي تنظيمي ڪوششن جي مثبت نتيجن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ليبر ڪائونسل کي ٻيهر فعال ڪيو وڃي، مهناز رحمان چيو ته مزدورن جي حقن جي تحريڪ صنفي انصاف کانسواءِ مڪمل نٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري عورتن سان لاڳاپيل مسئلن کي به هن جدوجهد جو لازمي حصو بڻائڻو پوندو،نامياريسماجي ڪارڪن شيما ڪرماڻي 1972ع جي فروز ٽيڪسٽائل تحريڪ کي ياد ڪندي چيو ته ان دوران پوليس فائرنگ ۾ ٽي مزدور مارجي ويا هئا، جڏهن ته مزدور تحريڪ جي تاريخ مان عورتن جي قيادت واري ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ماهر معاشيات قيصر بنگالي چيو ته ڪرامت علي ننڍپڻ کان ئي ناانصافين خلاف آواز اٿاريندو رهيو ۽ هنن اهڙو تربيتي نظام متعارف ڪرايو جنهن ذريعي ٽريڊ يونين ڪارڪنن کي حڪومت، ڪاروباري ادارن ۽ عدالتن آڏو پنهنجي موقف مؤثر نموني پيش ڪرڻ جي صلاحيت ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.