واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي آچر جي ڏينهن صحيح ڪئي ويندي.ٽرمپ موجب، معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان فوري بعد “آبناءِ هرمز ” کي سڀني لاءِ کوليو ويندو.صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ چيو ته ايران سان ٿيندڙ هي معاهدو اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ ٿيل جوهري معاهدي (جي سي پي او اي) کان مختلف آهي، جنهن کي هن تنقيد جو نشانو بڻايو.ٽرمپ جو چوڻ هو ته اوباما دور جو معاهدو ايران لاءِ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جو آسان رستو هو، جڏهن ته نئون معاهدو ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ مضبوط رڪاوٽ هوندو.هن دعويٰ ڪئي ته ايران هاڻي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جو خواهشمند ناهي ۽ نه ئي هو انهن کي خريد ڪرڻ، تيار ڪرڻ يا ڪنهن به ذريعي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهندو. هن اهو به چيو ته سندس انتظاميا جا ايران سان تعلقات اڳوڻين آمريڪي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهن.ٽرمپ موجب معاهدي تحت ايران کي ڪنهن به قسم جي مالي ادائيگي نه ڪئي ويندي، ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام کي مناسب وقت تي محفوظ طريقي سان ختم ڪيو ويندو.