اسلام آباد(بيورو)مالي بل 2025-26 ۾ چيو ويو آهي ته ڊجيٽل مواد تيار ڪندڙن (ڪنٽينٽ ٺاهيندڙن) ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز کي يوٽيوب، فيس بُڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن تان حاصل ٿيندڙ آمدني تي ودهولڊنگ ٽيڪس جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي.بل موجب، هن نظام تحت بئنڪون ۽ ٻيا مالي ادارا اهڙين وصولين تي ٽيڪس ڪٽوتي ڪندا.ايف بي آر جي عملدارن صحافيا ساره حسن کي ٻڌايو آهي ته يوٽيوب ۽ ٻين ڊجيٽل ذريعن مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي پنج سيڪڙو ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.