خبر آهي ته نيوزيلينڊ جي ليجنڊري بيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مون کي ٻه هزار اڻويهه واري عالمي ڪپ جي فائنل ۾ ڪيوي ٽيم هارائي ويئي هئي، ڪين وليمسن ۽ سندس مُرڪ ڪرڪيٽ پريمن جي منن کي ميڻ بڻائي ڇڏيو هو.
هن جي مُرڪ بابت سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار يوسف جوکئي لکيو هو ته ”شڪست تي به مسڪرائڻ لاءِ وڏي دل گهرجي، جڏهن دُک وڌي وڃي ۽ اوهان اندران بنهه ٽٽي پئو، تڏهن هن شخص ۽ سندس مُرڪ کي ياد ڪجو…!“
جتي ڪيوي ٽيم! جنهن جا اوپنر فارم ۾ نه هئا، مڊل آرڊر ۾ به ايڏي پختگي نه هئي، اتي وليمسن سڄي ايونٽ ۾ اڪيلي سر ساري بيٽنگ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ پنهنجي راند سان دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ مداحن کي موهي وڌائين. ٽورنامينٽ ۾ يادگار ڪارڪردگي تي کيس پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو هو.
ڀارتي کيس ”ڪين ماما“ ڪوٺيندا هئا، جڏهن ته ڪرڪيٽ جڳت ۾ هو ”مسٽر جئنٽلمين“ جي نالي سان ڄاتو ويندو هو. پنهنجي ڪردار ۽ ميدان ۾ ماٺيڻي سڀاءَ سبب هن پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. ڪنهن به قسم جي تڪرارن کان پري رهندڙ ۽ جديد دور جي هن ڪلاسيڪل/اسٽائلش بيٽر مخالفن کي فقط بيٽ سان جواب ڏنو. ڪين وليمسن وڏو بيٽر، سٺو ڪپتان ته هو ئي، پر هو وڏو ماڻهو به آهي.
ڪين وليمسن جي هن فيصلي سان نه رڳو سندس 16 سالن تي ٻڌل ڪامياب عالمي ڪيريئر جو خاتمو ٿي ويو آهي، پر هو انگلينڊ خلاف جاري سيريز جي باقي ٻن ميچن ۾ به حصو نه وٺندو، 35 ورهين جي جو ڪين وليمسن هن وقت انگلينڊ خلاف جاري ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ڪيوي اسڪواڊ جو حصو هو.
رٽائرمينٽ بابت پنهنجي بيان ۾ ڪين وليمسن چيو ته هو ”ڊگهي عرصي کان ان فيصلي تي غور ويچار ڪري رهيو هو، پر هاڻي کيس محسوس ٿيو ته بين الاقوامي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو هي ئي مناسب وقت آهي.“ هن چيو ته ”نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ هميشه هڪ اعزاز رهيو آهي ۽ هو هر ميچ ۾ پنهنجي پوري صلاحيت سان ميدان ۾ لٿو.“
ڪين وليمسن نيوزيلينڊ جي ٽيسٽ تاريخ جي سڀ کان ڪامياب بيٽر طور رٽائر ٿيو آهي.
هن پنهنجي ڪيريئر ۾ 110 ٽيسٽ ميچن ۾ 9515 رنسون ٺاهيون، ان کان سواءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 7256 ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 2575 رنسون اسڪور ڪيون.
سندس ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابي 2021 ۾ نيوزيلينڊ کي پهريون ڀيرو ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو ٽائٽل کٽرائڻ هو، ڪپتان طور به وليمسن ٽيم کي ڪيترن ئي عالمي مقابلن جي فائنلز ۽ سيمي فائنلز تائين پهچايو.
نيوزيلينڊ جي هيڊ ڪوچ روب والٽر کيس نه رڳو هڪ عظيم رانديگر پر هڪ مثالي اڳواڻ ۽ ڪرڪيٽ جو بهترين سفير قرار ڏيندي چيو ته سندس خدمتون ۽ اثر ڊگهي عرصي تائين ڪيوي ڪرڪيٽ جو حصو رهندا.
ڊينئل وٽوريءَ جي کوجنا، روز ٽيلر جي لاڏلي ۽ برينڊن ميڪلم جي پياري اڄ عالمي ڪرڪيٽ کان منهن موڙي ويو آهي. اڄ کان نيوزيلينڊ جي ڪلاسيڪل ڪرڪيٽ جو هڪ باب بند ٿي ويو آهي. اڄ فابيولس فور مان هڪ تارو ٽُٽي ويو آهي.