ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت نئين نسل جي اداڪارن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته حسد ۽ ناراضگي جا احساس زهر جهڙا هوندا آهن، جن کان شعوري طور ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرجي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب پنهنجي نئين فلم ”ڀارت ڀاگيا وڌاتا“ جي رليز جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنگنا چيو ته هر انسان کي پاڻ کان وڌيڪ باصلاحيت ماڻهن کان سکڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، جڏهن ته گهٽ تجربيڪار يا گهٽ باصلاحيت ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته هوءَ فلمي دنيا ۾ اچي ٻين کي ڏسي ۽ مشاهدو ڪري گهڻو ڪجهه سکندي رهي آهي. ڪنگنا پنهنجي همعصر اداڪارا دپيڪا پادوڪون جي به ساراهه ڪئي ۽ چيو ته ديپيڪا ۽ ٻين فنڪارن جي نظم و ضبط، ورزش ۽ فٽنيس سان وابستگي متاثر ڪندڙ آهي.
ڪنگنا، ديپيڪا جي 8 ڪلاڪ ڪم واري مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته هڪ وڏي اداڪارا طور کيس اهڙي درخواست ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.
اداڪارا نئين نسل ۾ وڌندڙ منفي سوچ، حسد ۽ عدم تحفظ تي تنقيد ڪندي چيو ته هن ڪڏهن به اهڙن احساسن کي پاڻ تي غالب نه اچڻ ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته خاص طور تي نوجوانن ۾ وڌندڙ حسد ۽ ناراضگي جو رجحان سٺو ناهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا احساس زهريلا هوندا آهن ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي.