وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ايندڙ مالي سال جي بجيٽ دستاويزن ۽ فنانس بل جي مسودي جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٻن مرحلن ۾ ڪئي ويندي، جنهن ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پنهنجي حڪومت جي ٽين بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته هي بجيٽ معيشت کي وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وٺي ويندي.
هن چيو ته سمورن معاشي چئلينجن جي باوجود بهتر بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان جن صبر سان مهانگائي کي برداشت ڪيو.
وزيراعظم چيو ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي سنگل ڊجيٽ ۾ آئي هئي، پر خطي جي صورتحال سبب ان ۾ معمولي واڌ ٿي آهي، سمورن چئلينجن جي باوجود اڄ اسان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي سولر، ونڊ ۽ بيٽري اسٽوريج جهڙن توانائي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڻي جا ذخيرا توڙي ڊيم ٺاهڻا ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.