ڪراچي (رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي عبدالحق ڪيمپس ۽ گلشنِ اقبال ڪيمپس ۾ استادن پاران امتحانن جو بائيڪاٽ چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، انجمن استادن جي سڏ تي استادن وڏي انگ ۾ يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ آڏو گڏ ٿي احتجاج ڪيو ۽ وائيس چانسلر حاضر ٿيو جا نعرا هنيا، استادن اعلان ڪيو ته سندن جائز مطالبا منظور ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو، احتجاج ۾ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرز سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر سيد غفران عالم ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذيشان اقبال صديقي شرڪت ڪري استادن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ۽ سندن مطالبن جي حمايت جو اعلان ڪيو، احتجاج کي ڊاڪٽر افتخار حمد، ڊاڪٽر روشن علي سومرو، ڊاڪٽر اصغر علي دشتي، ڊاڪٽر اقبال حسين نقوي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جلسي جي پڄاڻي تي منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ ٻن مهينن جي رهيل پگهارن، چئن مهينن جي پينشن، ريٽائرمينٽ کانپوءِ رهيل ادائگين، 26 مهينن جي هائوس سيلنگ، طبي سهولتن جي بندش ۽ يونيورسٽي سينيٽ جي منظوري کانسواءِ دواخانن جي قيام تي سخت اعتراض ڪيو ويو، استادن وائيس چانسلر ضابطا خان شنواري پاران قائم ڪيل ڪميٽي کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ته وائيس چانسلر ڪراچي اچي ذاتي طور استادن سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪري.