حيدرآباد ۾ سخت گرمي، نينگر وهنجندي ٻڏي فوت

حيدرآباد(رپورٽر ) حيدرآباد ۾ سخت گرمي دوران اڪرم واھ ۾ وھنجڻ دوران 8 سالن جو ٻار احمد علي گوپانگ ٻڏي ويو. ٽوٻن طرفان ڳولا جاري ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري ھنڌ پھچي وئي. رات دير تائين ٻڏي ويل ٻار جو لاش ھٿ اچي نه سگھيو ھو. پنڃاري ٿاڻي جي پوليس به واقعي  واري ھنڌ پھچي جائزو وٺي رپورٽ ورتي. حيدرآباد جي غفور شاھ ڪالوني جي علائقي ۾ اڪرم واھ ۾ وھنجڻ دؤران ٻار احمد علي گوپانگ ٻڏي ويو. ريسڪيو ٽيم پھتي ڪجھ دير ڳولا بعد ٽيم واپس ھلي وئي ٻار جي مائٽن ٽوٻا گھرائي ڳولا ڪئي پر لاش ھٿ اچي نه سگھيو هو. معصوم ٻار جي گھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.