وڏي وزير جو وزيراعظم کي خط، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پاڻي جي وڌندڙ ۽ شديد کوٽ، گڏوگڏ ارسا جي مبينا انتظامي غفلت تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف کي هڪ تفصيلي ۽ هنگامي خط لکيو آهي. خط ۾ وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ هن وقت پاڻي جي ورڇ واري نظام ۾ سنگين ناانصافين جو شڪار آهي، جنهن سبب صوبي جي زراعت، معيشت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي زندگي سڌي ريت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪا معمولي مسئلو ناهي، پر اها هڪ اهڙي صورتحال آهي جيڪا زرعي پيداوار کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. وڏي وزير خط ۾ انگن اکرن جو حوالو ڏيندي انڪشاف ڪيو ته سنڌ کي مقرر ڪيل 98 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي جي مقابلي ۾ صرف 57 هزار 867 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن سان 41 سيڪڙو جي وڏي کوٽ پيدا ٿي آهي. هن چيو ته اها صورتحال ڪنهن به صورت ۾ منصفانه نه آهي ۽ اها آئيني پاڻي ورڇ جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. مراد علي شاهه وڌيڪ لکيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ چانور، ڪپهه، ڪمند، مرچ ۽ ٻين اهم فصلن تي سخت اثر پئجي رهيو آهي، جڏهن ته آبادگارن کي نه صرف معاشي نقصان ٿي رهيو آهي پر سندن روزگار به خطري ۾ اچي ويو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته زرعي پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جيڪا ملڪ جي خوراڪ واري تحفظ تي به اثرانداز ٿيندي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڻي جي غير منصفانه ورڇ سان گڏ ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي منظم گهٽتائي ۽ دير سان فراهمي پڻ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، جنهن سبب ٽيل تائين پاڻي نه پهچڻ جي شڪايتون وڌي رهيون آهن. وڏي وزير وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته هو فوري طور تي هن معاملي ۾ مداخلت ڪري، ارسا جي ڪردار جو جائزو وٺي ۽ پاڻي جي ورڇ کي شفاف ۽ آئيني اصولن مطابق يقيني بڻائي. هن تجويز ڏني ته موجوده پاڻي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊيم ڀرڻ جي عمل کي مون سون تائين ملتوي ڪيو وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي صوبن ۾ منصفانه ورڇ ڪئي وڃي. مراد علي شاهه خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته سنڌ ۾ زرعي بحران وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه صرف صوبائي معيشت پر قومي معيشت تي به منفي اثر وجهي سگهي ٿو۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته وفاقي حڪومت سڀني صوبن سان برابري واري پاليسي اختيار ڪري ۽ پاڻي جي ورڇ کي سياسي نه پر آئيني ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي يقيني بڻائي وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.