لنڊن (ويب ڊيسڪ) .انگلينڊ ۾ آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو 10 هون ايڊيشن سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي.
ٽورنامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن وچ ۾ 7 مختلف وينيوز تي 33 ميچون کيڏيون وينديون، جيڪو هن ايونٽ جو سڀ کان وڏو ايڊيشن هوندو.
ٽورنامينٽ جو افتتاحي ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ايجبيسٽن، برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.
هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ ميگا ايونٽ انگلينڊ ۽ ويلز جي مختلف شهرن ۾ کيڏيو ويندو.
آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ جو فائنل فائنل 5 جولاءِ تي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان وومينز ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات آچر جي ڏينهن روايتي مخالف ڀارت خلاف ميچ سان ڪندي.
فاطمه ثنا جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽائيٽل کٽڻ لاءِ پرعزم آهي.
وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو 10 هون ايڊيشن سڀاڻي کان انگلينڊ ۾ شروع، پاڪستان جو آچر تي روايتي مخالف ڀارت سان ٽاڪرو
Next Post
You might also like