انسٽاگرام پنهنجي واهيپدارن لاءِ الگورٿم پرسنلائيزيشن فيچر سڀني تائين پهچائي ڇڏيو آهي، جنهن سان هاڻ پسنديده موضوعن بابت وڌيڪ مواد ڏسڻ ممڪن ٿيندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري چيو آهي ته نئين تبديلي سان واهپيدارن جو تجربو وڌيڪ بهتر بڻجندو. هن فيچر تحت واهپيدار مختلف دلچسپين وارا موضوع شامل ڪري سگهندا، جنهن کانپوءِ مرڪزي فيڊ ۾ انهن موضوعن سان لاڳاپيل مواد وڌيڪ نظر ايندو.
ٻئي پاسي ايڊم موسيري تسليم ڪيو ته ڪيترائي واهپيدار شڪايت ڪندا آهن ته سندن پوسٽون فالوورز تائين نٿيون پهچن. سندس چوڻ هو ته سفارش ڪيل مواد ڪڏهن ڪڏهن مک فيڊ تي حاوي ٿي ويندو آهي، تنهنڪري فالوونگ فيڊ کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي ته جيئن واهپيدار انهن اڪائونٽن جون پوسٽون آساني سان ڏسي سگهن، جن کي هو فالو ڪن ٿا.