ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي محرم الحرام 1448 هجري جي چنڊ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي موج، نئين چنڊ جي پيدائش 15 جون تي صبح 7 لڳي 54 منٽن تي ٿيندي، تنهن ڪري 15 جون تي سڄي ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان نه هئڻ جي برابر آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 15 جون يعني 29 ذوالحج جي شام چنڊ نظر نه ايندو، 15 جون تي ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم صاف يا هلڪا ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ چنڊ رات 7 لڳي 59 منٽن تي لهي ويندو.
موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ چنڊ رات 8 لڳي 5 منٽن تي، آزاد ڪشمير ۾ رات 8 لڳي 7 منٽن تي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ چنڊ لهڻ جو وقت رات 8 لڳي 12 منٽ آهي.
ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه ۾ چنڊ رات 8 لڳي 23 منٽن تي ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان آخر ۾ رات 8 لڳي 34 منٽن تي لهي ويندو.
You might also like