”آبناءِ هرمز کي غير محفوظ بڻايو ويو ته خطي کي دوزخ بڻائي ڇڏينداسين“ ايران جو ٽرمپ جي ڌمڪين واري بيان تي ردعمل

تهران (ويب ڊيسڪ) خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ ايراني اختيارين ۽ قيادت طرفان سخت بيان سامهون اچي رهيا آهن.
پاسدارانِ انقلاب جي ايرو اسپيس فورس جي ڪمانڊر بريگيڊيئر جنرل سيد مجيد موسوي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبناءِ هرمز کي غير محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ايران پوري خطي کي جهنم بڻائي ڇڏيندو.
ان کانسواءِ ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، عماني سمنڊ ۾ هڪ ايراني مال بردار ٻيڙيءَ کي آمريڪي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو آهي، ضلعي سيرڪ جي گورنر رضا شاهيديان تصديق ڪئي آهي ته ٻيڙيءَ جي عملي کي بچايو ويو آهي.
گورنر موجب، 150 ٽن وزني ٻيڙي خصب کان سيرڪ وڃي رهي هئي ته ان کي خصب کان 5 بحري ميل جي فاصلي تي نشانو بڻايو ويو، عملي جي 5 ميمبرن کي عمان منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين جو جواب ڏيندي واضح ڪيو آهي ته آمريڪا کي جارحيت جو سخت ۽ دردناڪ جواب ڏنو ويندو.
ياد رهي ته آمريڪي صدر اڄ ٻيهر ايران تي حملن جو اعلان ڪندي ايران جي تيل ۽ گيس جي انفراسٽرڪچر تي قبضو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
ان حوالي سان ايراني نيشنل سيڪيورٽي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن جي ترجمان ابراهيم رضائي جو چوڻ آهي ته عظيم ايراني قوم ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ واري ناهي، آمريڪي صدر ٽرمپ وٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.