ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي اسڪرين ايڪٽنگ تي واپسي بابت چوٻولن تي وضاحت اچي وئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڪترينا ڪيف جي آفيشل ٽيم تازو ميڊيا رپورٽس جي ترديد ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اداڪارا 2027 ۾ اداڪاريءَ جي دنيا ۾ واپسي جو منصوبو بڻائي رهي آهي.
ڀارتي رپورٽس موجب اداڪارا بابت چيو پيو وڃي ته هوءَ او ٽي ٽي پليٽ فارم تي ڊيبيو ڪندي.جڏهن ته ڪترينا ڪيف جي ٽيم واضح ڪري ڇڏيو ته اهڙا دعوا ۽ رپورٽس رڳو چوٻول آهن جنهن ۾ ڪا به حقيقت ناهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف کي آخري ڀيرو جنوري 2024 جي ٿرلر فلم ڪرسمس ۾ ڏٺو ويو هو.
واضح رهي ته گذريل نومبر ۾ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل کي پٽ جو اولاد ٿيو، ان کان ڪجهه وقت پهريون ئي اداڪارا پنهنجي ڪم کان وقفو ورتو هو. اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل 9 ڊسمبر 2021 ۾ راجسٿان جي شاندار ريزورٽ ۾ شاديءَ جون رسمون ڪيون هيون.