ايران-آمريڪا جنگ ختم ٿيڻ باوجود سال تائين اثر رهندا:محمد اورنگ زيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايران-آمريڪا ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم به ٿي وڃي ته به ان جا اقتصادي اثر ايندڙ سال تائين رهندا.سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ناڻي اوري سينيٽ کي معاشي صورتحال بابت جواب ڏيندي چيو ته اقتصادي سروي پيش ڪرڻ وارو آهيان، جنهن ۾ ڪيتريون حقيقتون سامهون اينديون. هن چيو ته وچ اوڀرجي صورتحال سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي، دعا آهي ته پاڪستان جي قيادت هن مسئلي جي حل ۾ ڪامياب ٿئي. سندس چوڻ هو ته مجموعي طور پهرين ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي، جنهن تي وڏي تنقيد ٿي، سبسڊي کي ڪيٽيگرائيز ڪرڻ بابت به تنقيد ٿي، پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اها مخصوص ماڻهن تائين منتقل ڪئي وڃي. ايف بي آر جا ٽيڪس هدف پورا ٿين يا نه، ٽيڪس ۾ واڌارو اقتصادي بهتري لاءِ فائديمند آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.