ملڪي قرضن جا سمورا اڳوڻا رڪارڊ ٽٽي ويا

اسلام آباد(بيورو) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي جاري ڪيل تازي انگن اکرن موجب، پاڪستان جي وفاقي حڪومت تي واجب الادا مجموعي قرض وڌي تقريباً 81 هزار 900 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هي اضافو هلندڙ مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن، يعني جولاءِ کان اپريل 2026ع تائين، رڪارڊ ڪيو ويو آهي.صرف مارچ 2026ع جي مقابلي ۾ قرضن ۾ لڳ ڀڳ 4 هزار ارب رپين جو اضافو ڏٺو ويو آهي.اسٽيٽ بينڪ جي انگن اکرن مطابق، اپريل 2026ع جي پڄاڻي تي حڪومتي قرضن جي مجموعي مقدار ۾ سالياني بنيادن تي 9.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ماهوار بنيادن تي قرضن ۾ تقريباً 2 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.هلندڙ مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن دوران مجموعي قرضن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ياد رهي ته گذريل مالي سال اپريل 2025ع جي آخر تائين وفاقي حڪومت جو قرض 74 هزار 936 ارب رپيا هو.اپريل 2025ع جي مقابلي ۾ پرڏيهي قرضن ۾ 6 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته مارچ 2026ع جي ڀيٽ ۾ ان ۾ 4 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.