آزاد ڪشمير ۾ لشڪر ڪشي ٿي رهي آهي:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي هيٺ آيل عوامي ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪيو هو ته حلف نامي مان اهو نڪتو ختم ڪيو وڃي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ڪيو ويندو.سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته آزاد ڪشمير جي پابندي هيٺ آيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جو ڪنهن به سياسي  جماعت سان تعلق ناهي ۽ نه ئي اها چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت ڪميٽي جا ٻه پراڻا مطالبا پورا ڪيا، پر شڪريو ادا ڪرڻ بدران هنن 38 نوان مطالبا پيش ڪري ڇڏيا.هن چيو ته ڪميٽي جو هڪ مطالبو "مهاجرن لاءِ مخصوص سيٽن” جي خاتمي بابت هو.ڪميٽي چيو هو ته انهن سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي وزير نه بڻايو وڃي. حڪومت کين ٻڌايو ته انهن سيٽن کي ختم ڪرڻ انتظامي اختيارن ۾ شامل ناهي ۽ مهاجرن کي ووٽ جي حق کان ڪيئن محروم ڪري سگهجي ٿو؟ هن الزام هنيو ته احتجاج ڪندڙن فائرنگ ڪئي ۽ هو "لشڪرڪشي” ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارت جا ٽيليويزن چينل به انهن سرگرمين کي نمايان نموني نشر ڪري رهيا آهن ۽ مختلف تجزين ذريعي صورتحال کي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهن.قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي ذميواري نڀائي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو شرپسند ڀارت جو آلوڪار بڻجي بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان سان قانون موجب سختي سان نبيرو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.