گوگل هڪ نئون آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽول جيمناءِ 3.5 لائيو ترجمو نالي فيچر متعارف ڪرايو آهي، جيڪو مختلف ٻولين جي ڳالهه ٻولهه جو پاڻمرادو ۽ فوري ترجمو ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هي ٽول 70 کان وڌيڪ ٻولين کي سپورٽ ڪري ٿو ۽ ڳالهائيندڙ جي ڳالهه دوران ئي ترجمو ڪندو رهي ٿو، جنهن سان ڳالهه ٻولهه بنا ڪنهن وڏي دير جي جاري رهي سگهي ٿي. گوگل جو چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالاجي گوڙ واري ماحول ۾ به ڪارائتي نموني ڪم ڪري سگهي ٿي.
ڪمپني موجب جيمناءِ 3.5 لائيو ترجمي کي ميٽنگز، ڪميونيڪيشن پليٽ فارمز، موبائيل ايپس، ڪسٽمر سپورٽ ڪالز، ڪلاس رومز ۽ لائيو نشريات ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. گوگل دعوا ڪئي آهي ته هي سسٽم ڳالهائيندڙ جي لهجي، رفتار ۽ انداز کي به برقرار رکندو، جنهن سان ترجمو وڌيڪ فطري محسوس ٿيندو.