دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمساز ۽ هدايتڪار امتياز علي انڪشاف ڪيو آهي ته دهلي ۾ پنهنجي ڪاليج واري ڏينهن دوران هو هڪ ڀيرو اغوا جهڙي سنگين واقعي جو شڪار ٿيو هو.
پنهنجي ايندڙ رومانوي ڊراما فلم ” مين واپس آئونگا“ جي مشهوري مهم دوران ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي امتياز علي ٻڌايو ته اهو واقعو سندس شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ پيش آيو، جڏهن هو هندو ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ شاگرد سياست پنهنجي عروج تي هئي.
هدايتڪار موجب، ٻن شاگرد تنظيمن اين ايس يو آءِ ۽ اي بي وي پي جي وچ ۾ ٽڪراءَ دوران هو هڪ سياسي تڪرار جي وڙ چڙهي ويو هو.
امتياز علي ٻڌايو ته اهو معاملو هڪ پوسٽر تان شروع ٿيو، جيڪو هاسٽل جي ڀت تي لڳايو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته مون رڳو اها درخواست ڪئي وئي ته پوسٽر سامهون واري ڀت بدران پاسي واري ڀت تي لڳايو وڃي، پر مخالف گروهه ان کي نظرانداز ڪيو، جنهن کانپوءِ هن پاڻ پوسٽر هٽائي ٻي جاءِ تي لڳايو.
فلمساز موجب، ڪجهه ڏينهن پوءِ کيس اغوا ڪري هڪ ويران سرڪاري ڪوارٽر ۾ آندو ويو، جتي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، گروهه جي اڳواڻ کي جڏهن خبر پئي ته هن پوسٽر نه ڦاڙيو هو پر رڳو ان جي جاءِ تبديل ڪئي هئي ته کيس آزاد ڪيو ويو.
هن چيو ته جيتوڻيڪ اِها هڪ ڀوائتي صورتحال ٿي سگهي ٿي، پر وقت سان گڏ اهو واقعو سندس لاءِ هاڪاري يادگيري بڻجي ويو ۽ اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪيترائي نوان دوست پڻ ٺهيا.
امتياز علي اعتراف ڪيو ته عمر جي هن مرحلي تي اچي هو سمجهي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن نوجوانيءَ ۾ انسان ضد وارو رويو اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ آپي مان نڪري ويندو آهي.