بادشاهه چارلس منهنجا ٿورا مڃيا ۽ پُڇيائين ته ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي: ماهرا خان

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته ذهني صحت بابت ڳالهائڻ دوران ماڻهو اڃا به هٻڪ محسوس ڪن ٿا، تنهن ڪري ان حوالي سان آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرا خان لنڊن ۾ برٽش ايشين ٽرسٽ جي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ذهني بيماريون به ٻين بيمارين وانگر آهن، جڏهن ته سماج ۾ هراساني ۽ تشدد جا واقعا قابل مذمت آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙن مسئلن جي خاتمي لاءِ سوچ ۾ تبديلي آڻڻ ۽ ذميوارن کي مثال بڻائڻ ضروري آهي.

ٻئي پاسي ماهرا خان برطانيا جي بادشاهه چارلس 3 سان ملاقات بابت ٻڌايو ته ساڻس تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته شاهه چارلس سندس برٽش ايشين ٽرسٽ سان ڪيل ڪم تي ٿورا مڃيا ۽ سماجي سرگرمين ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ماهرا خان موجب شاهه چارلس پڇيو ته سڀ ڪجهه ڪيئن هلي رهيو آهي ۽ کيس سندس سماجي خدمتن بابت به ڄاڻ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.