ننڍي عمر وارين عورتن ۾ وڌندڙ ڪينسر جي خطرو جي ڪارڻ ڇا آهي؟ ماهرن ڇرڪائي ڇڏيو

هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اوجاڳي جو ننڍي عمر وارين عورتن ۾ مختلف قسمن جي ڪينسر جي خطري سان امڪاني تعلق ٿي سگهي ٿو.
آمريڪا ۾ 2021 کان 2026ع دوران ڪيل هڪ تحقيق ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو، جن مان 4 لک 13 هزار ماڻهو اوجاڳي جو شڪار هئا.
هي تحقيق نيو جرسي ۽ لوزيانا جي سائنسدانن گڏجي انجام ڏني، جنهن مان معلوم ٿيو ته 50 سالن کان گهٽ عمر وارين عورتن ۾ ڇاتي، رحم ۽ ٻچيداني جي ڪينسر جو خطرو نمايان طور تي وڌيڪ هوندو آهي.
محققن جو خيال آهي ته ننڊ جي خرابي جسم ۾ هارمونز جي توازن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي، جيڪو ڪينسر جي خطري ۾ واڌ جو هڪ سبب بڻجي سگهي ٿو.
تحقيق ۾ اهو به سامهون آيو ته اوجاڳو مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ وڏي آنڊي جي ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهي ٿو.
ماهرن واضح ڪيو آهي ته هن تحقيق مان رڳو ٻنهي شين جي وچ ۾ تعلق جو ثبوت مليو آهي، جڏهن ته اهو ثابت نٿو ٿئي ته اوجاڳو سڌو سنئون ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو.
تنهن هوندي به نتيجا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته بهتر ننڊ ۽ صحتمند طرزِ زندگي مستقبل ۾ ڪينسر جو خطرو گهٽائڻ ۾مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.