ملڪ ۾ انڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 11 جون کان اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب 13 جون تائين انهن علائقن ۾ انڌاري، واچوڙن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، مري، راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.
مظفرآباد، راولاڪوٽ، گلگت، هنزا، اسڪردو ۽ ٻين علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي، جڏهن ته چترال، سوات، ايبٽ آباد، پشاور، مردان، ڪوهاٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ تيز انڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪجهه هنڌن تي طرفاني ۽ ڳڙي سان برسات پوڻ جو به امڪان آهي.
ان کانسواءِ بلوچستان ۾ زوب ۽ قلعه سيف الله سميت ٻين علائقن ۾ انڌاري ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي ۽ ٻين اترين ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفان جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.