لاهور(ويب ڊيسڪ) اسپنر نعمان علي پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي مستقبل جي منصوبابندي مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، مستقبل جي منصوبن ۾ شامل نه هئڻ سبب ئي نعمان علي کي ريڊ بال ڪئمپ ۾ نه سڏايو ويو، جڏهن ته ايندڙ 5 ٽيسٽ ميچن لاءِ ابرار احمد ۽ ساجد خان اسپنر طور پهرين چونڊ هوندا، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ به نوجوان اسپنرن کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نعمان علي پنهنجو آخري ٽيسٽ مئي ۾بنگلاديش خلاف ڍاڪا ۾ کيڏي هئي، جنهن ۾ هن 4 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته سلهٽ ٽيسٽ ۾ کيس ڊراپ ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ورڪ ايٿڪس بابت ٿنڪ ٽينڪ مطمئن ناهي۽ شاهين آفريدي جيان نسيم شاهه به ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جي ٽيسٽ منصوبن ۾ شامل ناهي.
نسيم شاهه کي به ايندڙ سيزن ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي.
واضح رهي ته نسيم شاهه آخري ٽيسٽ ڊسمبر 2024 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سينچورين ۾ کيڏي هئي.