ڪوهلي کانپوءِ پانڊيا به افغانستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر، روهت جي شرڪت به شڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا افغانستان جي خلاف هڪ ڏينهن واري سيريز مان زخمي ٿيڻ سبب ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، هاردِڪ پانڊيا کي بئنگلورو ۾ بي سي سي آءِ جي سينٽر آف ايڪسيلنس ۾ ٽريننگ دوران ڄنگهه ۾ ڍڪ لڳو آهي.
سيلڪٽرن روهت شرما ۽ هاردِڪ پانڊيا ٻنهي کي سندن فٽنيس ڪليئرنس جي شرط تي هڪ ڏينهن واري سيريز لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو هو.
هاڻي هاردِڪ پانڊيا جي زخمي ٿيڻ بابت وضاحت سامهون نه اچڻ باوجود، بي سي سي آءِ سيڪريٽري ديواجيت سائيڪيا چيو آهي ته هو ريهيب لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس ۾ آهي.
واضح رهي ته آل رائونڊر نتيش ڪمار ريڊي ڀارتي اسڪواڊ جو حصو آهي، جڏهن ته بي سي سي آءِ طرفان هاردِڪ پانڊيا جي سيريز مان ٻاهر ٿيڻ جو باظابطا اعلان ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ۾ هيمسٽرنگ سبب اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو هو، سندس جاءِ تي يشسوي جئسوال کي شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 13 جون، ڇنڇر تي ڌرمشالا ۾ کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.