اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سرڪاري ملازمن کي 90 ڏينهن اندر ٻٽي شهريت ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن فارن نيشنلٽي رولز 2026 تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ ٻٽي شهريت جا تفصيل ظاهر ڪرڻ لازمي قرار ڏيندي سڀني سول سرونٽن کي 90 ڏينهن اندر لاڳاپيل ڊيڪليئريشن جمع ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل آفيس ميمورنڊم موجب، پهرين جون 2026ع کان لاڳو ٿيندڙ فارين نيشنلٽي رولز 2026 تي عملدرآمد جي جي شروعات ٿي چڪي آهي.
ان ڏس ۾ ٻٽي شهريت بابت خاص ڊيڪليئريشن فارم تيار ڪري سڀني وزارتن، ڊويزنن ۽ لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليو ويو آهي.
ميمورنڊم موجب، سمورا سرڪاري آفيسر ۽ ملازم پنهنجي پرڏيهي شهريت، پاسپورٽ، مستقل رهائش (پرمننٽ رزيڊنسي) ۽ ٻين پرڏيهي وابستگين جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا.
ان کانسواءِ سول سرونٽن کي پنهنجي گهرواري يا مڙس ۽ ٻارن جي شهريت ۽ اميگريشن اسٽيٽس بابت ڄاڻ پڻ جمع ڪرائڻي پوندي.
حڪومت نين ڀرتين لاءِ به پرڏيهي شهريت ۽ اميگريشن سان لاڳاپيل ڊيڪليئريشن جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو آهي.
ضابطن تحت جيڪڏهن ڪو آفيسر يا ملازم حقيقتون لڪائڻ يا غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو ڏوهي ثابت ٿيو ته ان خلاف کاتي جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
آفيس ميمورنڊم ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي اميگريشن پروگرامن ۾ شموليت، سفري دستاويزن ۽ ٻاهرين ملڪ رهائش بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ به لازمي هوندي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ڪسٽمز ۽ ان لينڊ روينيو سروس جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 8 جولاءِ تائين پنهنجا ڊيڪليئريشن فارم جمع ڪرائي ڇڏين.
آفيس ميمورنڊم موجب، پهرين جون تي جاري ڪيل رولز 2026ع تحت نئين ڊسڪلوزر پاليسي لاڳو آهي، جنهن تحت پرڏيهي شهريت حاصل ڪرڻ يا اميگريشن پروگرام ۾ شموليت بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.