موت جي سزا ڪالعدم، سپريم ڪورٽ بلديه ٽائون سانحي جي ٻن جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي بري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ بلديه ٽائون سانحي ڪيس جي ٻن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ بلديه ٽائون سانحي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٻڌايل موت جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس شهزاد ملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جوابدار عبدالرحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا جون اپيلون منظور ڪندي کين بري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ، ايم ڪيو ايم طرفان رمارڪس حذف ڪرڻ واري اپيل غير اثرائتي هجڻ تي اڪلائيندي چيو ته فيصلو ڪالعدم ٿي چڪو آهي ته رمارڪس پاڻمرادو ختم ٿي ويا آهن.
بلديه ٽائون سانحو: سپريم ڪورٽ رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جي موت جي سزا جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ٻنهي کي بري ڪري ڇڏيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.