ڪراچي(رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين هاليپوٽي واضح ڪيو آهي ته ايس بي سي اي ۾ ڪا به نئين آسامي يا سيٽون پيدا ناهن ڪيون ويون. هن چيو ته جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جو مقصد رڳو موجوده عملدارن ۽ عملي کي ٽائون بيسڊ نظام تحت منظم ڪرڻ آهي. ڊي جي ايس بي سي اي موجب ٽائون بيسڊ نظام لاڳو ٿيڻ سان غيرقانوني اڏاوتون خلاف ڪارروائي وڌيڪ اثرائتي ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ بلڊنگ ڪنٽرول لاءِ ٽائون سطح تي نگراني انتهائي ضروري آهي، جيئن هر علائقي ۾ وقت سر قدم کنيا وڃن.
ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع
ڪراچي(رپورٽر)متحده قومي موومينٽ پاڪستان ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اعلانيل ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.سنڌ اسيمبلي جي ميمبر معاذ محبوب پاران جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته هيٽ ويو دوران ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ فوري طور بند ڪئي وڃي.ٺهراءَ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته هيٽ ويو دوران ٿيندڙ فوتگين بابت ڪيس، ڪي اليڪٽرڪ جي ذميوار عملدارن خلاف داخل ڪيا وڃن.هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ بابت مڪمل ۽ لکت ۾ رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ۽ عوام کي درپيش تڪليفن سان گڏ لوڊشيڊنگ جي سببن بابت به آگاهه ڪيو وڃي.
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس طلب، بجيٽ 12 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.صدر پاڪستان، آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتا آهن.قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي منعقد ٿيندو، جڏهن ته سينيٽ جو اجلاس منجهند 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.وفاقي پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي بجيٽ جمعي، 12 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي ناڻي وارو وزير، سينيٽر محمد اورنگزيب مالي سال 2026ع ــ 2027ع جو وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو.