گولاڙچي ۾ بدامني ۽ منشيات فروشي خلاف سول سوسائٽي جي ريلي

گولاڙچي(رپورٽ: عيدن زندپور)گولاڙچي ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات فروشي ۽ ٻين سماجي براين خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي سوين هزارين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي ڪراچي روڊ کان احمد راڄو روڊ تائين پرامن احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ شهرين، سماجي ڪارڪنن، واپارين، نوجوانن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي.احتجاجي ريلي جي اڳواڻي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ اسلم ميمڻ، عمران شيخ،عيدن زندپور،طاهر آرائين، سائين محمد شاھ ،ڪاشف رضا آرائين،علي محمد  جتوئي غلام مصطفيٰ زندپور، شاھ نواز کوسو ثاقب شيخ ۽ بھادر ميمڻ ۽ ٻين ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽  پلي ڪارڊ کڻي بدامني، منشيات فروشي ۽ سماجي براين خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ريلي دوران مظاهرين ”منشيات ڀڄايو، گولاڙچي بچايو“،”شهر مان سماجي برايون ختم ڪريو“ ”چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن“ ۽ “گولاڙچي ۾ امن قائم ڪيو” جا زوردار نعرا هنيا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته منشيات نوجوان نسل کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهي آهي،

جڏهن ته وڌندڙ چوريون ۽ بدامني شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.