لاهور(ع آ نيوز) لاهور جي هڪ شهري جي نالي تي 421 گاڏيون، رڪشا ۽ موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ ٿيون انڪشاف ٿيو آهي ته لاهور جي هڪ شهري جي نالي تي 421 گاڏيون، رڪشائون ۽ موٽر سائيڪلون رجسٽر ٿيون آهن. ٽرئفڪ پوليس جي ترجمان موجب، شهري باز محمد جي نالي تي 421 گاڏيون، رڪشا ۽ موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ ٿيون آهن. گاڏين جي ملڪيت جو انڪشاف جنرل هولڊ اپ دوران ٿيو. ترجمان موجب، باز محمد جي نالي تي 20 لک 88 هزار 800 رپين کان وڌيڪ ماليت جا 1526 اي چالان جاري ٿيل آهن. ٽرئفڪ پوليس جي ترجمان چيو آهي ته شهري باز محمد جي موٽر سائيڪل کي مسلم ٽائون پوليس اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي.