حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سميت ٽن ڄڻن تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، اھو ڪيس حيسڪو سب ڊويزن سٽيزن ڪالوني جي ايس ڊي او آفتاب احمد ڏاھاڻي جي فرياد تي داخل نسيم نگر پوليس چيڪ پوسٽ تي داخل ڪيو ويو آھي، ايف آءِ آر نمبر 273/2026 Electricity Act-2016 ۽ تعزيراتِ پاڪستان (PPC) جي قلمن 462-I ۽ 462-J تحت اھو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ رياض چانڊيو، سجاد علي سومرو ۽ ڪامران مھر کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس جي فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته چيڪنگ دوران غير قانوني تارون پڪڙيون ويون آهن جن ذريعي سڌو سنئون ڪنيڪشن (ڊائريڪٽ ڪنڊو) هڻي حيسڪو لائن مان بجلي چوري ڪئي پئي وڃي.