اوٻاوڙي ويجهو زمين جي تڪرار تان فائرنگ،هڪ ڄڻو قتل،10 زخمي

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ محمد علي ڇڄڻ ۾ قبولي زمين تي قبضو ڪرڻ تان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 10 زخمي تفصيل موجب  آڌي بنگلو ويجهو ڳوٺ محمد علي ڇڄڻ ۾ ڇڄڻ برادري جي قبولي زمين زبردستي قڀضو ڪرڻ تان سومرا برادرين جي هٿياربندن جي فائرنگ سبب علائقو جنگ جي ميدان جو منظر پيش ڪرڻ لڳو. فائرنگ ۾ سليم ڇڄڻ، بشير ڇڄڻ، حاجي ڇڄڻ، غلام سرور، غلام حسين، صدورو فقير ڇڄڻ، اختيار احمد ۽ قربان ڇڄڻ سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين مان سليم ڇڄڻ، بشير ڇڄڻ ۽ مختيار احمد ڇڄڻ جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين رحيم يار خان اسپتال  منتقل ڪيو ويو، جتي مختيار احمد ڇڄڻ رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته فوتي جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج پڻ ڪيو ويو.ان موقعي تي محمد علي ڇڄڻ ۽ قبول ڇڄڻ صحافين سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو ۽ ايس ايڇ او رفيق احمد سومرو ذاتي وابستگين ۽ جانبداري سبب انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. هنن چيو ته زمين به سندن قبولي آهي ۽ جاني نقصان پڻ سندن برادري جو ٿيو آهي، جڏهن ته اڃا به ٻه زخمي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.