آزاد ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال، لانگ مارچ، چڪريون:اڳواڻن خلاف بغاوت ڪيس

مظفرآباد(ع آ نيوز) آزاد ڪشمير ۾  بندش پيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ڀمبر کان هڪ لانگ مارچ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته حڪومت ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن شوڪت نواز مير ۽ خواجه مهران خلاف بغاوت ۽ رياست مخالف سرگرمين جي الزام هيٺ ڪارروائي شروع ڪئي آهي. هوڏانهن مقامي پوليس موجب، لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد لڳ ڀڳ 2,000 آهي. هڪ پوليس آفيسر موجب، احتجاج ڪندڙ برنالا، ڪوٽلي، پالندري ۽ ٻين علائقن کان ميرپور ۽ راولاڪوٽ پهچي رهيا آهن، جڏهن ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار روڊن ۽ ٻين علائقن ۾ گشت ڪري رهيا آهن. ميرپور کان، احتجاج ڪندڙ راولاڪوٽ ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪندا ۽  راولاڪوٽ کان اهي مظفرآباد ڏانهن ايندا. ٻئي طرف بي بي سي موجب مظفرآباد ۾، عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سڀئي بازارون بند رهيون.  آزاد ڪشمير جي گهرو کاتي پابندي مڙهيل جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جي چئن گهربل ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي آهي.آزاد ڪشمير جي گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب، گهربل ماڻهن جي گرفتاري لاءِ معلومات فراهم ڪندڙ کي هڪ ڪروڙ رپيا انعام ڏنو ويندو ۽ معلومات فراهم ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ مڪمل طور تي راز ۾ رکي ويندي. فهرست ۾ شوڪت نواز مير، عمر نذير ڪشميري، خواجه مهران ارشد ۽ سردار امان خان جا نالا شامل آهن. پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جي 4 ميمبرن پابندي مڙهيل تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳوڻي ميمبر احسان شبيرشانير محسن خليل جو چوڻ آهي ته مان هاڻي پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جو حصو نه آهيان.

پ پ،آزاد ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال جي مخالف

لاهور(امداد سومرو) آزاد ڪشمير جي صورتحال ۾  پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن ، اتان جي رياستي حڪومت، وزيراعظم آزاد ڪشمير، صدر آزاد ڪشمير، انهن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به طرح آزاد ڄمو ڪشمير جي ايڪشن ڪميٽي کي (جنهن کي ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڪالعدم قرار ڏنو  ويو آهي) راضي ڪيو وڃي. پر اهي نه مڃيا, راولا ڪوٽ واري واقعي کي کڻي چيو پيو وڃي ته 200 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته  پيپلز پارٽي جي پارلياماني اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وزيراعظم تي به تمام گهڻو ڪاوڙيل هو۽ اتان جي سياسي نمائندن، وزيرن مشيرن تي به، ته شين کي سياسي طريقي سان حل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ جيڪو واعدو ٿيو هو ان کي پورو ڪرڻ ۾ وقت ڇو لڳو؟ معاملن کي  ڇو اينگهايو ويو؟ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ممتاز راٺوڙ کان بي بي سي پڇيو  ته اهي 12 سيٽون آزاد ڪشمير جي حڪومت ڪيرائڻ يا ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، اهو سڀ ڪنٽرولڊ هوندو آهي؟ ته هن چيو ته مان ان ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو. پوءِ پڇيو ويو ته ڇا اهي سيٽون ختم ٿيڻ گهرجن؟ ته هن چيو ته نه، ختم نه ٿيڻ گهرجن، اهو هڪ آئيني تڪرار آهي، ان جو ڪو آئيني حل هجڻ گهرجي. هاڻي پيپلز پارٽي يا بلاول ڀٽو زرداري طاقت جي استعمال جي خلاف آهن، هو چون ٿا ته اتي طاقت جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

آزاد ڪشمير جي خراب صورتحال،ڀارت کي موقعو ملي ويو؟

واشنگٽن(شهباز گل) گذريل سال جڏهن آزاد ڪشمير ۾ عوامي احتجاج ٿيو هو ،تڏهن پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي  لڳ ڀڳ 68 مطالبا ان وقت جي انتظاميه اڳيان رکيا هئا جيڪي مڃيا ويا هئا ۽ واعدو ڪيو ويو هو ته انهن تي مڪمل عمل ٿيندو. تقريباً هڪ سال گذرڻ جي  باوجود نيون چونڊون ته گهرايون ويون پر مطالبا مڃيا نه ويا، جنهنڪري هنن ٻيهر احتجاج جي ڪال ڏني ته اسان سڀ ڪشميري گڏجي مظفر آباد وينداسين ۽ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکنداسين.ان احتجاج کي ناڪام بڻائڻ لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پهرين ته ڳالهين جو ڍونگ رچايو ويو ۽ پوءِ اعلان ڪيو ويو ته ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. ٻئي ڏينهن کان گوليون هلايون ويون، سرڪاري انگن اکرن موجب 4 کان 6 سيڪيورٽي اهلڪار (رينجرز ۽ پوليس) مارجي ويا آهن،جڏهن ته ٻئي طرف معصوم شهرين جي مارجڻ جو انگ مختلف ٻڌايو پيو وڃي،ڪو 7 چوي ٿو ته ڪو 200 تائين ٻڌائي ٿو. اڃا تصديق انگ ناهي آيو ايڏي ظلم کانپوءِ  ڪالهه سڄي ڪشمير ۾ عوام روڊن تي هو. مظفر آباد ۾ مختلف منظر هئا. سماڻي، برنالا ۽ ڀيمبر مان وڏا قافلا نڪتا. ڀمبر ۾ قافلي تي سخت شيلنگ ڪئي وئي، آنسو گئس استعمال ڪئي وئي پر ماڻهو بيٺل رهيا. پلندري ۾ سڌي فائرنگ ڪئي وئي، اتي تمام گهڻو تشدد ٿيو پر ماڻهو پوئتي نه هٽيا. ڪشميري اڳواڻ خواجه مهران جو پيغام وائرل ٿيو آهي ته "جيستائين اسان واپس نه موٽون، شٽر ڊائون جاري رکجو، فتح اسان جي ٿيندي”.برطانيه ۾ 50 ايم پيز پاڪستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ٻاهران احتجاج ٿيو جتي ڪجهه ماڻهو آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن کي گاريون ڏئي رهيا هئا. انڊيا ان کي پروپيگنڊا طور استعمال ڪري رهيو آهي ته ڪشميري ۽ پاڪستاني هاڻي هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي رهيا آهن.

آزاد ڪشمير ۾ پرامن مظاهرين تي گوليون هلائڻ غلط آهي:بئريسٽر گوهر

راولپنڊي(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ کي گلگت بلتستان ۾ 15 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ٿي آهي جيڪڏهن اسان کي صرف ٻه سيٽون ڏئي، باقي 13 سيٽون ڪنهن ٻي جماعت کي ڏنيون وينديون ته اسان اهو نه  مڃينداسين. عوام جنهن کي مينڊيٽ ڏنو آهي، حڪمراني جو حق به انهيءَ کي ملڻ گهرجي،راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جن وفاق ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو، انهن سان گلگت ۾ گڏجي حڪومت ڇو ٺاهيون؟ هن چيو ته  پارلياماني ڪميٽي فيصلو ڪندي ته بجيٽ کي ڪيئن ڊيل ڪيو وڃي.هن چيو ته پرامن مظاهرين تي گوليون هلائڻ غلط عمل آهي. پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري چڪي آهي، جڏهن ته 12 مهاجر سيٽن جو معاملو آئيني نوعيت جو آهي.هن چيو ته ماڻهن کي فوج جو نالو استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي فوج جي سهاري سياست ڪرڻ گهرجي.

آزاد ڪشمير ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو پيو وڃي: طلال چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اتي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو پيو وڃي.  پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم کي وائکو ڪيو پيو وڃي، ڪالهه هڪ آڊيو پڻ جاري ڪئي وئي. طلال چوڌري چيو ته وفاقي حڪومت خلوص دل سان سڀني مطالبن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو هو، پر ان جي باوجود، اهو سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ته انهن جو مقصد  ڪجهه ٻيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي قانون سازي جو حق آهي، ۽ پڇيو ته ڇا اهي ڪشميرين کي قانون سازي جو حق ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ چاهين ٿا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.