بجيٽ تي غيريقيني،وفاقي سرڪار جي صلاحيت تي سوال

اسلام آباد(ڪامران خان)پاڪستان ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته بجيٽ جي تاريخ بابت ڪجهه غير يقيني صورتحال هجي، پر هن سال ته سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا. اڄ تائين قوم کي اها خبر نه هئي ته بجيٽ ڪڏهن ۽ ڪهڙي تاريخ تي ايندي. اوهان کي ياد ڏياريندا هلون ته شهباز شريف حڪومت جي دور جي هي پنجين بجيٽ آهي، پر بجيٽ جي تاريخ جي حوالي سان گذريل ٻن هفتن کان شديد غيريقيني صورتحال جاري آهي. سرڪاري ذريعن کان ڪڏهن ڪا تاريخ ٻڌائي وڃي ٿي ته ڪڏهن ڪا ٻي. بظاهر ناڻي واري وزير کي به ڪلهه تائين اها خبر نه هئي ته کيس بجيٽ ڪهڙي تاريخ تي پيش ڪرڻي آهي.شروع ۾ بجيٽ 5 جون تي پيش ٿيڻ جي خبر آئي، پوءِ چيو ويو ته شايد 8 جون تي، ان کانپوءِ 10 جون جي تاريخ آئي ۽ صبح خبر آئي آهي ته بجيٽ 12 جون تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. ان ئي پسمنظر ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل  جو اجلاس به ڪالهه چوٿون ڀيرو آخري وقت تي ملتوي ڪيو ويو. ياد رهي ته هي اهو ئي فورم آهي جيڪو ترقياتي بجيٽ ۽ قومي معاشي فريم ورڪ جي منظوري ڏيندو آهي، تنهنڪري ان ۾ دير جو سڌو اثر بجيٽ سازي جي سڄي عمل تي پوي ٿو. ان کان علاوه ”پاڪستان اڪنامڪ سروي 2025-26“ جي رونمائي به ڪيترا ئي ڀيرا ملتوي ڪئي وئي آهي. اڪنامڪ سروي اصل ۾ معيشت جو ساليانو رپورٽ ڪارڊ هوندو آهي،  جنهن ۾ حڪومت گذرندڙ مالي سال دوران اوسر، مهانگائي، سيڙپڪاري ۽ مالي ڪارڪردگي پيش ڪندي آهي. بهرحال، هي دستاويز بجيٽ کان اڳ جاري ڪيو ويندو آهي پر ان ۾ به دير ٿي آهي، جيڪا ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته ڪيترا ئي اهم معاشي معاملا اڃا تائين حتمي شڪل اختيار ناهن ڪري سگهيا.ٻئي طرف خبر اها آهي ته وفاقي سرڪار اڃا تائين پنهنجي اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي سان اين ايف سي جي معاملي تي اتفاقِ راءِ پيدا ناهي ڪري سگهي. رپورٽن موجب، وفاق جي خواهش آهي ته صوبن جي حصي مان تقريبن12 سئو ارب رپيا اسٽريٽجڪ خرچن ۽ وفاقي ترقياتي منصوبن لاءِ رکيا وڃن، پر پيپلز پارٽي کي ان تجويز تي اعتراض  آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اين ايف سي جو معاملو بجيٽ جي تياريءَ جو بنيادي حصو هو ته اهي اختلاف آخري وقت تائين ڇو رکيا ويا؟ ان تي اڳ ۾ ڳالهه ٻولهه ڇو نه ڪئي وئي؟ اين ايف سي ڪو نئون مسئلو ته ناهي، هي پاڪستان جي مالي فريم ورڪ جو بنياد آهي ۽ ان ذريعي ئي وفاقي ٽيڪس جي آمدني صوبن ۾ ورهاست ٿيندي آهي. جيڪڏهن صوبن سان اختلاف هئا، خاص طور تي پيپلز پارٽي سان، ته ڇا ان تي ڪيترا ئي مهينا اڳ مشاورت نه ٿيڻ کپندي هئي؟ ڇا ايترن اهم مالي معاملن کي بجيٽ پيش ٿيڻ کان چند ڏينهن اڳ تائين لٽڪائي رکڻ ڪا اثرائتي معاشي پلاننگ آهي؟ پر ظاهر آهي ته ڪٿي نه ڪٿي سخت مونجهارو آهي.وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال به اعتراف ڪيو آهي ته بجيٽ سان لاڳاپيل ڪيترا ئي اهم معاملا اڃا تائين حتمي شڪل اختيار ناهن ڪري سگهيا، جڏهن بجيٽ جي تاريخ بار بار تبديل ٿئي ۽ بنيادي معاملا آخري وقت تائين لٽڪيل رهن ته ان سان حڪومت جي بجيٽ تيار ڪرڻ جي صلاحيت تي سنگين سوال اٿن ٿا،معاشي ماهر شهباز راڻا چيو آهي ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي به خبر ناهي ته بجيٽ جي تاريخ ڪهڙي آهي، ان جو سبب اهو هو ته ٻه ٽي شيون اڳتي پوئتي ٿيون آهن جنهن سان ڪنفيوزن پيدا ٿي. حڪومت آءِ ايم ايف کي يا اهو پلان شيئر نه ڪيو هو ته صوبن کان ڪو 1700 ارب رپيا اضافي وٺڻ جو ڪو پلان آهي. ٽيون عنصر ان ۾ اهو آيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن جي نتيجن کان اڳ شايد پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سان ويهي ان معاملي تي ڳالهائڻ نه پئي چاهيو. اوهان ڏٺو ته جيستائين چونڊن جا نتيجا نه آيا، تيستائين قيادت جي سطح تي ٻنهي پارٽين جي اجلاس جي ڪا تصوير سامهون نه آئي. جڏهن ملاقات ٿي ته ان کانپوءِ شيون واضح ٿيڻ شروع ٿيون. ان دوران تجويز آئي ته قومي اقتصادي ڪائونسل کان اسٽيمپ ڪرائي اضافي پئسا صوبن کان ورتا وڃن، ان تي ايترو مونجهارو هو جو جڏهن آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو ويو ته عالمي مالياتي ادارو به ان تي مطمئن نه هو،ناڻي واري اڳوڻي وزير  ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو ته  وفاقي حڪومت ۾ بجيٽ تي ڪم فيبروري کان شروع ٿي ويندو آهي، ائين ته ناهي جو آخري منٽ ۾ اوهان فيصلو ڪريو ته تون ايترا پئسا کڻ، مان ايترا کڻندس ۽ باقي عوام کان وٺنداسين. هي تمام عجيب ڳالهه آهي ۽ سيڙپڪارن لاءِ به ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته مان ان تي اهو ٻڌائيندو هلان ته جيڪڏهن 1200 ارب يا 1700 ارب رپيا صوبن کان وفاق ڏانهن هليا وڃن ٿا ان سان وفاقي بجيٽ يا قومي بجيٽ جي مجموعي خساري تي ڪو فرق نه پوندو، صرف وفاق جو بار گهٽ ٿيندو پر قومي خسارو اوترو ئي رهندو. ٻيو وري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي بحث ٿي رهيو هو ته ڇو ته هي آئيني طور صوبن جي ذميواري آهي، ان ڪري ان جا خرچ صوبا کڻن. ان تي ڪجهه نالي جو به بحث هو ته جيڪڏهن صوبن کي ذميواري ملي ٿي ته هو محترمه بينظير ڀٽو جو نالو هٽائي پنهنجي پارٽي ليڊرن جو نالو رکي ڇڏيندا.هن چيو ته  پر هي ملڪ لاءِ تمام خراب تاثر ڏئي ٿو ته اوهان هڪ بجيٽ نٿا ڏئي سگهو ۽ اتفاقِ راءِ ناهي ڪري سگهيا. هي ڪهڙي قسم جو نظامِ حڪومت آهي جو بجيٽ کان ٻه ڏينهن اڳ اهي بحث ٿي رهيا آهن؟شهباز رانا چيو ته اسان وٽ معاشي فيصلن جي اختيار بابت اڃا تائين وضاحت ناهي،ان ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو ڪيترو ڪردار آهي، وزيراعظم آفيس جو ڪيترو ڪردار آهي ۽ سيڪريٽري ناڻي جي قيادت ۾ ڪاموراشاهي جو ڪيترو ڪردار آهي؟ جڏهن ايتري ڪنفيوزن ۽ سياسي گيمنگ هجي ته پوءِ اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي. ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو ته  ظاهر آهي آئي ايم ايف جا ماڻهو پاڪستاني اخبارون پڙهندا آهن، پر يقيناً هي تمام کل جوڳو لڳي ٿو. قومي اسيمبلي کي بحث لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن جو وقت ملندو آهي. اها وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته سياسي نظام ۾ هڪ اتحادي پارٽي کي ٻي پارٽي تي ايترو به يقين ناهي ته چونڊن جا نتيجا ڇا ايندا، هنن چيو ته پهرين نتيجا اچڻ ڏيو پوءِ بجيٽ تي ڳالهائينداسين، يعني گلگت بلتستان جي چونڊن جي نتيجن تي پاڪستان جي بجيٽ پروسيس کي قربان ڪيو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 10 جون 2026  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.