اسرائيل کي وڻي نه وڻي، آمريڪا ايران سان معاهدو ڪندو: جي ڊي وينس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان امڪاني ايٽمي معاهدي واري معاملي تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مفادن ۾ واضح اختلاف موجود آهي.
پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ جي ڊي وينس چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، پر ڪجهه معاملا اهڙا به آهن جتي ٻنهي ملڪن جون ترجيحون مختلف ٿي وڃن ٿيون.
هن چيو ته گذريل ڏيڍ سال جي صورتحال کانپوءِ اهڙو ماحول پيدا ٿيو آهي جنهن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت هڪ دائمي حل تائين پهچڻ جي گنجائش موجود آهي.
آمريڪي نائب صدر وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ جو به اهو خيال آهي ۽ مان به ان سان اتفاق ڪريان ٿو ته هن وقت اسان ايران سان هڪ ڊگهي مدي واري معاهدي تائين پهچي سگهون ٿا ۽ هن موقعي کي وڃائڻ نه گهرجي.
هن چيو ته ممڪن آهي ته اسرائيل کي اها ڳالهه پسند اچي ۽ اهو به ممڪن آهي ته اسرائيل ان کي پسند نه ڪري، پر بنيادي طور تي ايران سان اهو معاهدو آمريڪا جي قومي مفاد ۾ آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان هڪ سٺي معاهدي تائين 2 يا 3 ڏينهن ۾ پهچي وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.