بلوچستان ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، فتنه الهندستان 14 دهشتگرد ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي بسيمه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 14 دهشتگرد کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن بسيمه جي علائقي نال ايريا ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو پوليس اسٽيشن ۽ بئنڪن تي حملي جو منصوبو هو.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ترت ۽ تيز آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران دهشتگردن جي چُر پُر اثرائتي نموني روڪي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.