اڌ رنگي جي مريضن لاءِ نئين اميد، معمولي علاج سان حرڪت بحال!

اڌ رنگي جو شڪار ماڻهن لاءِ هڪ نئين طبي تحقيق اميد جا ڪرڻا روشن ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب ڪرنگهيءَ جي هڏي کي هلڪو برقي ڪرنٽ ڏيڻ سان ڪمزور ٿي ويل هٿن ۽ ٻانهن جي حرڪت ٻيهر بحال ڪري سگهجي ٿي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سائنسي جرنل نيچر ميڊيسن ۾ ڇپجندڙ تحقيق ۾ نتيجا پڌرا ٿيا آهن جنهن موجب ماهرن هڪ خاص ٽيڪنڪ استعمال ڪئي، جنهن سان اڌ رنگي سبب ڪمزور ٿيل عضون جو دماغ سان رابطو ٻيهر قائم ٿيڻ ۾ مدد ملي. تحقيق دوران ڪرنگهيءَ جي هڏي کي برقي تحريڪ ڏيڻ سان مريضن جي ٻانهن مٿي کڻڻ جي صلاحيت ۾ 28 سيڪڙو، ٺوٺ سڌي ڪرڻ جي طاقت ۾ 35 سيڪڙو ۽ هٿن ۾55 سيڪڙو تائين بهتري رڪارڊ ڪئي وئي.
ماهرن موجب اڌ رنگي جي مريضن لاءِ اهڙي معمولي بهتري به روزاني زندگي ۾ وڏو فرق آڻي سگهي ٿي، جنهن سان هو ڪپڙن جا بٽڻ بند ڪرڻ يا ٻيا ذاتي ڪم پاڻ ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا. ماهرن واضح ڪيو آهي ته هي ٽيڪنالاجي هن وقت رڳو سهڪاري اوزار طور ڪم ڪري ٿي ۽ مستقل علاج لاءِ وڌيڪ تحقيق جاري آهي ته جيئن مستقبل ۾ ان کي عام مريضن لاءِ عملي علاج طور متعارف ڪرائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.